ڪنري (ن پ ا) ڪنري جي پنج پُلي ريگيوليٽر وٽ گرائونڊ بدران روڊ تي لڳندڙ چوپائي مال جي پڙي ڀاڳين ۽ واپارين لاءِ آزار بڻجي وئي، پڙي جو بااثر ٺيڪيدار پنھنجي مرضي مطابق ٻوڏ سٽيل ڀاڳين ۽ واپارين کان بغير شيڊول جي ھٿ ٺوڪي ٽيڪس وصول ڪرڻ لڳو آھي، جنھن سبب ڀاڳين ۽ واپارين جا هٿ مٿي تي اچي ويا آھن، پري پري کان آيل ڀاڳين ۽ واپارين ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته پڙي جي بااثر ٺيڪيدار پاران حڪومتي شيڊيول ٻڌائڻ بنا مرضي مطابق ٽيڪس لڳايا آھن، ننڍو جانور 600 رپيا ۽ وڏي جانور جا 1600 رپين جي حساب سان غير قانوني ڀتو وصول ڪيو پيو وڃي، جڏھن ته پڙي ۾ مال وٺي ايندڙن کان غير قانوني طريقي سان 50 رپيا داخلا فيس جي به وصولي جاري آھي. ٻئي پاسي بااثر ٺيڪيدار تابش آرائين کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ٺيڪيدار موقف ڏيڻ بدران گاڏي ۾ ويھي شيشا بند ڪري هليو ويو،