ڪنري لڳ ٿرڪول جي ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ 2 نوجوان فوت

0
18
ڪنري لڳ ٿرڪول جي ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ 2 نوجوان فوت
ڪنري لڳ ٿرڪول جي ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ 2 نوجوان فوت

ڪنري (رپورٽ: انيل مڪواڻو) ڪنري لڳ ٿرڪول جي ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ 2 نوجوان فوت خبر موجب ڪنري ويجھو نبي سر ٿر ۾ ٿرڪول رٿا کي پاڻي پھچائڻ لاءِ هلندڙ ڊيم جي اڏاوت واري ڪم لاءِ هلندڙ ويگو گاڏي جي ڊرائيور ٽڪر ھڻي وڌيڪ ٻن نوجوانن جون حياتيون کسي ورتيون آهن، چيل بند اسٽاپ وٽ تيز رفتار ويگو گاڏي موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه نوجوان امجد انڙ ۽ نوبت علي ڪپري سخت زخمي ٿي پيا، ٻنھي زخمين کي علائقي واسين کڻائي تعلقي اسپتال ڪنري پھچايو، جتان ھڪ نوجوان امجد انڙ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، جڏھن ته ٻئي نوجوان نوبت علي ڪپري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو، جتي ھن جي ساهه جو سڳو به ٽٽي پيو، ڪنري پوليس ڪارروائي ڪندي ويگو گاڏي ۽ ڊرائيور کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي فوتي نوجوان ڳوٺ فقير عبدالله انڙ جا رهواسي هئا، سندن مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام ۽ روڄ راڙو مچي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان امجد انڙ ۽ زين ڪپري ٻئي پاڻ ۾ ويجها دوست هئا، جيڪي موٽرسائيڪل تي سوار ٿي شھر وڃي رهيا هئا ته چيل بند اسٽاپ وٽ سامهون ايندڙ ويگو گاڏي جي زوردار ٽڪر لڳڻ سبب زندگيون وڃائي ويٺا، واضع رهي ته ڊيم تي هلندڙ ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ ڳوٺ زاهد آرائين واسي 6 ورهين جو نينگر ڏيون ڪولهي به فوت ٿي چڪو هو، پر نينگر جا وارث غريب هجڻ ڪري کين دٻاءُ وجهي ڪابه قانوني ڪارروائي ڪرڻ کان روڪيو ويو هو، ان سلسلي ۾ڪنري پوليس جو چوڻ آھي ته حادثي ۾ ٻئي نوجوان فوت ٿيا آھن، حادثي جو شڪار ويگو گاڏي کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو آھي ۽ ڊرائيور صاحب ڀٽو کي به گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو آھي، فوتين جا وارث سوڳ ۽ تدفين بعد ايندا ته ڊرائيور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.