ڪنري (ن پ ا) ڪنري لڳ پٽ جي شادي تقريب دوران دل جو دورو پوڻ سبب گهوٽ جو پيءَ فوت، شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل خبر موجب ڪنري لڳ شادي جي هلندڙ تقريب دوران گھوٽ جي پيءُ دم ڏئي ڇڏيو، ڳوٺ ميمڻ ڪنري ۾ نوجوان گھوٽ نارائڻ ڪولهي جي شادي جي هلندڙ دعوت دوران سندس پيءُ ڏيوو ڪولهي کي دل جو دورو پئجي ويو، دل جو دورو پوڻ سبب ڏيوو ڪولهي فوت ٿي ويو، جنھن سبب شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، هلندڙ دعوت دوران انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو پيش اچڻ سب علائقي ۾ سوڳ واري لھر ڇائنجي وئي ۽ شادي واري گهر مان جنازو کڄڻ تي گهر ۾ ماتم ڀرپا ٿي ويو، فوتي جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان گھوٽ نارائڻ جي اڄ آچر ڏينھن ڃڄ جي روانگي هئي ۽  گذريل ڏينھن سندس شادي جي دعوت هلي رهي هئي ته سندس پيءُ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو، فوتي ڏيوو ڪولهي شھر ۾ سبزي جو ريڙھو هلائيندو هو، فوتي جي مڙهه کي سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.