ڪنري(ن پ ا) ڪنري لڳ پوليس اهلڪار پٽ هٿان پيءُ زخمي، الزام رد، احتجاج تفصيل موجب ڪنري ڀرسان نبي سر روڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ يار محمد گشڪوري ۾ نوجوان پوليس اهلڪار مجيب الرحمان مبينا طور تي پنهنجي 50 ورهين جي پيرسن پيءُ فضل الرحمان گشڪوري کي ڪھاڙين جا وار ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو، زخمي فضل الرحمان گشڪوري کي وارث تعلقي اسپتال ڪنري کڻي آيا، جتي طبي امداد ڏيڻ بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. زخمي جي ڀاءُ احمد علي گشڪوري الزام هنيو ته اسان جو ڀائيٽو مجيب الرحمان پوليس اهلڪار آھي، جيڪو موالي آهي ۽ نشي جي حالت ۾ جھيڙو ڪندو رھندو آھي، اڄ معمولي ڳالهه تان پنهنجي پيءُ کي ڪھاڙيون ھڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو اٿس، پوليس جو چوڻ هو ته علاج لاءِ ليٽر ڏنو آھي، وارث ايندا ته ڪاروائي ڪنداسين، واقعي جي تحقيقات ڪري رھيا آھيون، آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس وغيره داخل نه ٿيو هو، پوليس اهلڪار مجيب نبي سر روڊ ٿاڻي تي مقرر ٿيل آھي، ٻئي طرف الزام هيٺ آيل اهلڪار مجيب الرحمان پنهنجي ماءُ سان گڏجي ڪنري ۾ صحافين وٽ پهچي احتجاج ڪندي ۽ دانهيندي چيو ته چاچي وارن مون تي ڪوڙو الزام هنيو آھي، آئون نشو ناھيان ڪندو، نه وري مون بابا کي ڪهاڙيون هنيون آھن، بابا امان کي ڌڪ هنيا، مون ڪهاڙي ڦري ته بابا پاڻي جي ٽانڪي تي ڪريو جنهن سان مٿي ۾ ڌڪ لڳو، ڪهاڙيون هڻڻ وارو الزام ڪوڙو آھي، مجيب جي امڙ جو چوڻ ھو مڙس دماغي مريض آھي، مون کي مارڪٽ ڪندو آھي، اڄ به مارڪٽ ڪئي، پٽ پنهنجي پيءُ کي ڌڪ ڪونه هنيا آھن.