ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 10 ڀاتي بيهوش، اسپتال داخل خبر موجب ڪنري ويجھو ڳوٺ شاھي خان رند ۾ ماني کائڻ بعد هڪ ئي گهر جا عورتن ۽ ٻارن سميت 10 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، سمورن گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا ۽ الٽيون ٿيڻ اچن لڳيون، بيهوش ٿيلن ۾ جهامن ڀيل، ساران، ورمي، اندران، جسونت، ڪلونتي، ساگر، لال، راجو ۽ چتون شامل آهن، سمورن گهر ڀاتين کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو، جتي طبي امداد ڏئي سندن زندگي بچائي وئي، متاثرن جي وارثن جو چوڻ آھي ته سمورن گهر ڀاتي رات جو جيڪا ماني کاڌي هئي ان ۾ ڪو زهريلو جيت ڪري پيو هو، ان ڪري سمورن گهر ڀاتين جي حالت خراب ٿي پئي ۽ سڀني کي الٽيون ۽ بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا، جنھن بعد کين کڻائي اسپتال آياسين، ڊاڪٽر جو چوڻ ھو ته زهريلو کاڌو کائڻ سبب ائين ٿيو آھي، علاج بعد سمورن جي طبيعت سڌرندڙ ۽ حالت خطري کان ٻاھر آھي.