ڪنري (رپورٽ: انيل مڪواڻو) ڪنري لڳ آٽا چڪي ۽ ٻج فيڪٽري تي مبينا طور هٿياربند ڪاهه، تشدد، ڦرلٽ، الزام هيٺ آيل ڌر پاران واقعو ڊرامو قرار، احتجاج خبرموجب ڪنري ويجھو عمرڪوٽ روڊ تي گوهر پيٽرول پمپ ڀرسان قائم ٿيل اٽي جي چڪي ۽ زرعي ٻڄ جي فيڪٽري تي هٿياربندن مبينا طور تي ڪاهه ڪري، چڪي ۽ فيڪٽري جي عمارت جي مالڪ اويس ظاھر آرائين ۽ ٻين کي مبينا طور تي يرغمال بڻائي تشدد ڪري ڦرلٽ ڪئي، اطلاع تي ڊي ايس پي ڪنري لياقت جسڪاڻي ۽ ايس ايڇ او افتخار باجوا واقعي واري ھنڌ پھچي تفصيل وٺي جانچ شروع ڪري ڇڏي، چڪي ۽ فيڪٽري جي عمارت جي مالڪ اويس ظاهر آرائين الزام لڳائيندي چيو ته هٿياربندن رات جي وقت چڪي تي ڪاهه ڪري اسان کي ڪمري ۾ يرغمال بڻائي تشدد ڪيو ۽ چڪي ۽ فيڪٽري مان لکين روپين جي ماليت جي 300 مڻ ڪڻڪ، 3 موٽرسائيڪلون، لائسنس وارو هٿيار، سولر پليٽن جو پينل ۽ ڀڃ ڊاھ ڪري چڪي جون مشينون ۽ موٽرون پٽي کڻي ويا، هن چيو ته اعجاز ڀٽي، رشيد ڀٽي، انيل مهيشوري سميت 30 کان وڌيڪ ماڻھو هٿيارن جي زور تي چڙھائي ڪري يرغمال بڻائي تشدد ڪري لکين روپين جو سامان کڻي ويا، هٿياربند پاڻ سان گڏ آندل ٽريڪٽر ٽرالي، ڪار ۽ مزدا گاڏي ۾ سامان ڀري کڻي ويا، جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي، ڪنري پوليس جو چوڻ آھي ته معامري جي هر رخ کان جانچ ڪريون پيا، جلد واقعي جا سمورا رخ ظاھر ڪيا ويندا، ٻئي طرف الزام هيٺ آيل انيل مهيشوري پنهنجي گهرڀاتين سميت ڪنري نيشنل پريس ڪلب پهچي واقعي کي نئون رخ ڏيندي ۽ وضاحت پيش ڪندي چيو ته اٽي جي چڪي ۽ ٻج فيڪٽري جو مالڪ اويس ظاهر آرائين نه پر آئون مالڪ آهيان، اها عمارت اويس ظاهر آرائين جي آهي، آئون مسواڙ تي اتي چڪي ۽ ٻج فيڪٽري لڳائي ويٺو آهيان، هن مونکان چڪي خالي ڪرائڻ ۽ قبضو ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جو ڊرامو ڪري سڄي شهر کي پريشان ڪيو آهي، چڪي جي اصل مالڪ انيل مهيشوري پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏجي احتجاج ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اويس ظاهر آرائين جا دڪان مون ڪرائي تي وٺي اٽي جي چڪي لڳائي هئي، جنھن جا ثبوت ۽ تحريري معاهدو پڻ مون وٽ موجود آهي، چڪي سٺي هلڻ بعد اويس آرائين مونکي ڪجھه ڏينھن اندر چڪي خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي چڪي تي قبضو ڪري ورتو، هنن چيو ته گذريل رات اويس آرائين چڪي ۾ پيل منھنجي لکين روپين جي ڪڻڪ، سولر پينل، چڪي جون موٽرون، پيسائي جون مشينون ۽ ٻيو سامان رات جي وڳڙي ۾ پاڻ کڻائي ڌاڙي لڳڻ جو ڊرامو ڪيو آهي، اويس ظاهر آرائين مونکان چڪي خالي ڪرائڻ بابت ڏنل ڌمڪين جي دانهن به اسان تر معزز ماڻهن کي ڏني هئي جنهن ڳالهه جا اهي معزز شاهد آهن، فيصلو رکرايو ته هي فيصلي ۾ به نه آيو، هاڻي هي سمورو سامان ڦٻائڻ لاءِ اهڙا ڊراما پيو ڪري، دڪانن جي مسواڙ، بجلي جا بل ۽ بئنڪن جا ٽراننزيشن بل اسان وٽ موجود آھن، باقي ڪابه ڌاڙي جي واردات ناهي ٿي، پوليس جانچ ڪري اسان هر ممڪن سهڪار ڪنداسين، جيڪو به ڏوهي نڪري ان کي سزا ڏئي متاثر ڌر سان انصاف ڪيو وڃي.