ڪنري (ن پ ا) ڪنري جي سول جج جي رھائشي ڪوارٽر جي ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا، سندس گھر واري ۽ ڀيڻ زخمي، خبر موجب ڪنري سول ڪورٽ جي پاسي ۾ ٺھيل سول جج جي سرڪاري ڪوارٽر جي عمارت زبون حال هجڻ سبب ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا، جنھن جي نتيجي ۾ سول جج زاھد حسين مغيري جي گھر واري ۽ سندس ڀيڻ زخمي ٿي پيون، جڏھن ته ٻيا گھر ڀاتي ڪمري ۾ ھجڻ سبب محفوظ رھيا، واقعي بعد سول جج ڪوارٽر خالي ڪري فيملي کي ٻئي پاسي شفٽ ڪري ڇڏيو.