ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان سال اڳ پرڻو ڪندڙ نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ، وارثن پاران واقعو خودڪشي قرار خبر موجب ڪنري لڳ نبي سر روڊ ٿاڻي جي حد ۾نبي سر ٿر لڳ ڳوٺ موسيٰ ميمڻ ۾ 24 سالن جي پرڻيل نوجوان چيتن ولد موڙو ڪولهي جو گهرن ڀرسان ڄار جي وڻ سان ٽنگيل لاش مليو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي نوجوان جي وارثن پھچي پوليس کي اطلاع ڪيو، پر نبي سر پوليس پنهنجي روايت برقرار رکندي 4 ڪلاڪ دير سان پھتي، جنھن سبب لاش چار ڪلاڪن تائين وڻ ۾ ٽنگيل رهيو ۽ نوجوان جا وارث پوليس جو انتظار ڪندا رهيا، چئن ڪلاڪن بعد پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، فوتي نوجوان جي وارثن واقعي کي آپگھات قرار ڏيندي چيو ته نوجوان چيتن ڪولهي واقعي کان ڪجھه ڪلاڪ اڳ گهران نڪتو هو، هنن چيو ته نوجوان جي هڪ سال اڳ شادي ٿي هئي، گھرو اڻبڻت سبب هن خودڪشي ڪئي آھي، اسان جو ڪنھن تي به ڪو شڪ ناهي ۽ ڪا به ڪارروائي ڪرائڻ نٿا چاهيون، نوجوان ڳوٺ ۾ هارپي جو ڪم ڪندو هو، واقعي بعد سندس گهر ۾ ڪھرام مچي ويو.