ڪنري(رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) آبپاشي سب ڊويزن ڪنري جي نااهلي ۽ پاڻي چوري سبب پڇڙين ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ناهي ٿي سگهي، گپنو مائنر شاخ جي آبادگارن ۽ ھارين چئن مھينن کان پاڻي نه ملڻ خلاف ڳوٺ حيات گپنو کان احتجاجي ريلي ڪڍي عمرڪوٽ-ڪنري روڊ تي آبپاشي آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، ڌرڻي کي نذير معاويه، حاجي عدنان آرائين، حافظ اطهر، مقصد آرائين، محمد شاھد، تاجو ڀيل ۽ ٻين خطاب ڪندي آبپاشي کاتي ڪنري ۾ ڪرپشن، بديانتي ۽ پئسن عيوض پاڻي چوري عروج تي پھتل آھي، شاخن جي منڍ ۾ بااثر آبادگارن کي ڳري رشوت عيوض خاص رعايتون ڏنل آھن،  اسان جي شاخ ۾ گذريل چار مھينن کان پاڻي جو ڍُڪ ناهي آيو، هنن چيو ته پاڻي نه اچڻ سبب چيٽ جي پوکائي تباهه ٿي وئي ۽ ڪتي جو فصل پوکي ناهيون ڪري سگهيا، ڳوٺن پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آھي، واٽر سپلاءِ تلاءُ ۽ کوهه خالي ٿي ويا آھن، انسانن سان گڏ جانور ۽ پکي پکڻ به اڃاره آھن، اسان جي شاخ ۾ ڌڪو لڳائي پوڇڙي وارن کي هٿن سان تباهه ڪيو پيو وڃي، شاخ تي مقرر داروغو رشوت وٺي في واٽر ڪورس تان منٿلي اوڳاڙڻ ۾ مصروف آھي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي شاخ ۾ پاڻي فراھم ڪري لڳل دڪو ھٽائي بااثرن کي ڏنل رعايتون ۽ مقرر داروغي کي هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪري اسلام آباد تائين احتجاج ڪيو ويندو، ٻئي پاسي ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻي سبب عمرڪوٽ، ڪنري، سامارو، جھڏو، نئون ڪوٽ سميت ٻين شھرن ۽ ڳوٺن ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي ۽ مسافر توڙي شھري سخت گرمي ۾ پريشان ٿيندا رهيا، ھوڏانھن ايس ڊي او آبپاشي ظھور بوزدار ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪرڻ بدران فون تي مطالبا تسليم ڪندي فوري عمل جو يقين ڏياريو، جنھن بعد مظاھرين ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.