ڪنري (ن پ ا) تعلقي ڪنري جي يونين ڪائونسل ميمڻ ڪنري جو نالو تبديل ڪرڻ ۽ نادرا آفيس ۾ جمع نه ڪرڻ سبب يوسي ڊيفيڪٽ جو شڪار آھي، جڏھن ته 3 مھينن کان يوسي جي نادرا آئي ڊي بلاڪ ھجڻ سبب رھواسين جي ٻارن جا پيدائشي سرٽيفيڪٽ ٺھڻ بند، پيدائشي سرٽيفيڪٽ نه ھجڻ تي ڪيترائي ٻار اسڪول وڃڻ کان قاصر بڻيل آھن، جڏھن ته اڪثر رھواسي فوتي سرٽيفيڪٽن جي وصولي لاءِ به پريشانين ۾ مبتلا آھن، يوسي چيئرمين محمد ھارون ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي اڃان تائين چارج ناهي ملي سگھي، ڪارونھوار متاثر آھي، آئي ڊي بلاڪ آھي ۽ يوسي ڊيفيڪٽ ۾ آھي. ٽرانزيڪشن آفيسر غلام حسين ڪپري ٻڌايو ته يوسي وارن ٽن مھينن کان نادرا جي فيس جمع ناهي ڪرائي انڪري آئي ڊي بلاڪ ٿيل آھي ۽ نالو تبديلي مامرو ھلي پيو انڪري يوسي ڊيفيڪٽ ۾ آھي، ٻئي پاسي ڪلارڪ عزت رند جو چوڻ آھي ته اسان جي ملازمن جون پگهارون نٿيون ٿين، يوسي جي فنڊ بند آھي، سمورو نظام متاثر آھي، ٽرانزيڪشن آفيسر يوسي کي ڊيفيڪٽ ۾ ھڻي ويٺل آھي. ٻئي پاسي انتظامي معاملن سبب علائقي جو عوام سخت پريشانيون ڀوڳي رھيو آھي، علائقي واسين پاران فوري طور معاملا حل ڪري يوسي جي عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.