ڪنري (ن پ ا) ڪنري تعلقي جي چئني پاسي بيٺل برساتي پاڻي تاحال نيڪال ناهي ٿي سگھيو، شھر جي آسپاس ۽ ٻھراڙي جي علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل هجڻ سبب بيمارين به ڪر کنيو، پاڻي سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو جنھن سبب ماڻھو مليريا جي مرض ۾ وڪوڙجي رهيا آھن، سول اسپتال ۾ گذريل ھڪ ھفتي دوران مليريا جي شڪ ھجڻ تي 500 کان مٿي مريضن ٽيسٽ ڪرايو جنھن ۾ 50 کان مٿي مريضن کي مليريا ھجڻ جي تصديق ڪئي وئي مريضن ۾ وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آھي، تعلقي انتظاميا علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۽ ماڻھن کي صاف پاڻي ميھا ڪرڻ سميت ٻيا ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن جنھن سبب بيماريون گھٽجڻ بدران وڌي رھيون آھن، علائقي واسين مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ سان گڏ مڇرمار اسپري ۽ صاف پاڻي ميھا ڪيو وڃي.