ڪنري (رپورٽ:انيل ڪمار مڪواڻا)  ھڪ مهينو پھريان سامارو تعلقي جي ڳوٺ رامجاڳو ۾ 11 جوابدارن پاران نوجوان شوڪت کوسو سان مبينا طور اجتماعي ڏاڍائي ۽ تذليل ڪرڻ واري واقعي جي داخل ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن امداد کوسو، امجد کوسو ۽ مولابخش کوسو سان ملڻ لاءِ  ايندڙن پاران سامارو لاڪ اپ جي جوابدارن جي فخريه انداز واري ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهي وائرل ڪئي ويئي، سامارو ڪورٽ ۾ به پيش ڪرڻ وارو فوٽو ڪڍي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهي اها پڻ وائرل ڪئي ويئي. ويڊيو وائرل ٿيل ٿيڻ بعد ڊي آئي جي ميرپورخاص جاويد سونهارو جسڪاڻي نوٽيس وٺندي ايس ايس پي عمرڪوٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ ملوث اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هوڏاهن متاثر نوجوان شوڪت کوسو جي خاندان کي بااثرن پاران بجاءِ انصاف ڏيارڻ جي ڳوٺ مان لڏائي ڇڏيو ۽ متاثر خاندان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي. متاثر نوجوان جي امڙ مهربي  والد واحد بخش کوسو  ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آھي ته اسان جي پٽ سان ظلم ٿيو آهي، پٽ تي ايڏو ظلم ڪيو ويو ته ڄڻ ماري پوءِ اسانکي ڏنو، ان بعد اسان کي بااثر ڀوتارن ڳوٺ مان لڏائي ڇڏيو آهي اسان دربدر آهيون اسين انھن ڪپڙن ۾ پنهنجا گھر گھاٽ ڇڏي ٻي ھنڌ پناھ ورتي آهي پٽ سان ظلم ڪندڙ پانڌي کوسو ۽ ٻين طرفان ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء ڌمڪايو پيو وڃي، ھنن چيو ته اشتھاري ڏوھاري پانڌي کوسو اسان کي روز اغوا ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آھي ڪيس تان ھٿ ٿا کڻون ته پٽ خودڪشي ٿو ڪري، ان ڪري نه مري ٿا سگھون نه جي ٿا سگھون، اسان کي خاموش ڪرڻ لاء سامارو ۽ عمرڪوٽ تعلقي ٿاڻي تي 2 ڪوڙا ڪيس اسان مٿان داخل ڪيا ويا آهن، پٽ کي تذليل جو نشانو بنائيندڙن ۽ ڏاڍائي ڪندڙن مان صرف 3 گرفتار ٿيا اھي به جيل ۾  مھمان ٿي ٽڪ ٽاڪ پيا ٺاھين ڄاڻايل 11 جوابدارن مان صرف ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو رهيل 8 جوابدارن کي گرفتار نه ڪيا ويا آھن، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آء جي، ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته اشتھاري ڏوھاري پانڌي کوسو سميت رهيل جوابدار گرفتار ڪرائي ڪاروائي ڪئي وڃي انصاف ڏياريو وڃي هنن انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اسان سان ٿيل ظلم تي اسان جي مدد ڪئي وڃي.

وائرل ٿيل وڊيو پراڻي آهي، جوابدار گرفتار آهن: ايس ايس پي آصف رضا

ڪنري: رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ ٻڌايو ته وائرل ٿيل وڊيو ڪجهه ڏينهن پراڻي آھي هن وقت جوابدار جيل ۾ آھن سامارو ٿاڻي جو ايس ايڇ او اڳ ۾ معطل ٿيل آهي وڌيڪ ڊي ايس پي سامارو انڪوائري ڪري پيو ان تحت وڌيڪ ايڪشن ورتو ويندو.

ڏاڍائي جي شڪار ٿيل نوجوان جي وارثن پاران 11 ڄڻن تي ڪيس داخل

ڪنري: ڏاڍائي ۽ تذليل جو شڪار ٿيل نوجوان شوڪت کوسو جي پيءُ واحد بخش کوسو جي فرياد تي 11 جوابدارن پانڌي، الطاف، خادم، امداد، امجد، مولا بخش، سردار، الله بخش، اسلم، ڪريم بخش ۽ ميان بخش خلاف سامارو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو هو ته جوابدارن سندس پٽ تي ڪاري جو الزام ھڻي اجتماعي ڏاڍائي ڪئي، ٻانھن ۽ ٽنگون ٻڌي مڇون، ڏاڙھي ۽ اڌ مٿو ڪوڙي ڇڏيو ۽ ويڊيو رڪارڊ ڪئي وئي، ھڪ مھينو گذرڻ باوجود پوليس صرف 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري سگھي آھي.