ڪنري(ن پ ا) ڪنري ۾ ليڊي ڪائونسلر جنتا مالھي پاران اڳوڻي صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر ۽ سٽي چيئرمين شڪيل باجوا کي مٿي تي تلڪ ڏئي آرتي اتاري راکي ٻڌي، جنهن بعد صوبائي وزير پاران جنتا تي مٿي تي هٿ ڏئي خرچي ڏيڻ سان گڏ سندس ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو وچن پڻ ڪيو اڳوڻي صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  پ پ ھميشه اقيلتي ڀائرن سان ڪلھوڪلھي ۾ ملھائي بيٺي آھي، ھندو برادري جي ھر تھوار سان ساڻس گڏ ھوندا آھيون ڏياري، جنم اسٽمي، هولي جيان رڪشا بندن به هڪ شاندار تھوار آھي ۽ اسان ھن تھوار تي پنھنجي هندو برادري سان گڏ آھيون.پ پ اقليتن سان ڏک سک ۾ گڏ بيٺي هئي بيٺي آهي ۽ هميشه بيٺل رهندي آھي.