ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) تعلقي ڪنري جي سڀ کان وڏي تعلقي ھيڊڪوارٽر اسپتال عوام کي لاڀ ڏيڻ بدران ريفر سينٽر بڻيل آھي، صحت کاتي جي لاپرواھي ۽ انتظامي نااهلي سبب ڪروڙين رپين جي بجيٽ رکندڙ اسپتال ايندڙ ماڻھو سستي علاج کان محروم بڻيل آھن، اسپتال ۾ علاج جون بھتر سهولتون نه هجڻ سبب ڏورانھن علائقن کان ايندڙ غريب ۽ بي پھچ ماڻھو علاج لاءِ دربدر ٿيڻ تي مجبور بڻيل آھن، جڏھن ته اسپتال سيکڙاٽ نوجوانن حوالي ٿيل آھي، انتظامي نااهلي، مبينا رشوت خوري سبب اسپتال ۾ مقرر اڪثر اسٽاف، عملو ۽ ڊاڪٽر ورھين کان ويزا تي هجڻ جو انڪشاف سامهون آيو آھي، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ڊسپينسر، ٽيڪنيشن، وارڊ اٽينڊٽ، نرسون ۽ ٻيو اسٽاف ويزا تي هجڻ ڪري ورھين کان اسپتال جو منھن به ناهي ڏٺو، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب اسپتال ۾ مقرر ڊينٽل اٽينڊ خليق الزمان، وارڊ اٽينڊ محرم علي، بورچي خالد گشڪوري، او ٽي اسسٽنٽ ريحان، تاج محمد کوکر ۽ ٻيو اڪثر عملو گهر ويٺي پگهارون کڻڻ ۾ مصروف آھي، ويزا تي ويل اسٽاف مان ڪجھه اسٽاف جي عيوضي ۾ ٻيا ماڻھو اڌ پگهار تي ڪم ڪري رهيا آھن، جڏھن ته باقي اسٽاف جون ڪرسيون سندس اچڻ جي راھ ڏسي رهي رهيون آھن، ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آھي ته اسپتال جو اڪثر عملو هفتي ۾ صرف آچر جي ڏينھن ڊيوٽي ڪري ٿو ۽ باقي ڏينھن گهر ويٺي پگهارون کڻڻ ۾ مصروف آھي، اسٽاف نرس هيرا لال، ميل اسٽاف نرس تيرٿ داس، دل جي بيمارين جي ٽيڪنيشن محمد اشرف، ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر شڳن لال هفتي ۾ صرف آچر جي ڏينھن ڊيوٽي تي اچن ۽ باقي ڏينھن غير حاضر بڻيل آھن، 3 سال اڳ ٺھيل اسپتال قيمتي سامان گم ٿيڻ معمول بڻيل آھي، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب اسپتال ۾ رکيل لکين رپين جون ڪرسيون، لکين رپين جي ماليت جون سولر پليٽون، بيڊ ۽ ٻيو اڪثر سامان عملي جي مبينا ملي ڀڳت سبب گم ٿي ويو آھي جڏھن ته اڪثر سامان ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ ئي ٽٽي خراب ٿي ويو آھي جنھن کي اسپتال انتظاميا ڪٻاڙ خاني حوالي ڪري ڇڏيو آھي ڪرسيون ٽٽي وڃڻ ۽ گم ٿيڻ سبب اسپتال ۾ ايندڙ مريض فرش ۽ پٽ تي ويهڻ تي مجبور بڻيل آھن.
ماهر ڊاڪٽر هفتي ۾ صرف 2 ڏينھن ڊيوٽي ڪرڻ لڳا
ڪنري: اسپتال ۾ مقرر مختلف بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر هفتي ۾ صرف 2 ڏينھن ڊيوٽي ڪرڻ بعد 5 ڏينھن گهر ويهي پگهارون کڻڻ ۾ مصروف آھن، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب اڪثر ماهر ۽ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر هفتي ۾ ٻه ڏينھن ڊيوٽيون ڏيڻ بعد باقي 5 ڏينھن آرامي ڪن ٿا، جنھن سبب اسپتال ايندڙ مريض ڊاڪٽرن جي ڳولا ۾ مصروف رهندا آھن، جڏھن ته ذريعن اها پڻ دعويٰ ڪئي آھي ته ليڊي ميڊيڪل ڊاڪٽرياڻيون پڻ اسپتال ۾ من مرضين سان اچن ٿيون ۽ پنھنجي مرضي جي ڊيوٽي ڪن ٿيون جيڪي ميڊيڪل ڪيس وٺڻ کان سختي سان انڪاري بڻيل آھن ۽ ڪو به ميڊيڪل ڪيس نٿيون وٺن.
|
ڪنري: اسپتال جو جونيئر ڪلرڪ اسپتال مان گُم، سندس سيٽ ڪورونا ڊيٽا آپريٽر حوالي ٿيل آھي، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب اسپتال ۾ مقرر ڪيل جونيئر ڪلرڪ گلاب راءِ اسپتال مان گم ۽ ڊي ايچ او آفيس عمرڪوٽ ۾ من مرضين طور ويٺل آھي جيڪو ڊي ايچ او آفيس ۾ ڪرتا ڌرتا بڻيل آھي سندس جاءِ تي ڪورونا ۾ مقرر ڪيل ڊيٽا آپريٽر گلبهار رند سيٽ سنڀالي ڪم ڪري رهيو آھي جنھن کي ڪير پڇڻ وارو ناهي.
ڊرائيور نه هجڻ تي مالهي ۽ سينيٽري ورڪر ايمبولينسن جا ڊرائيور بڻيل
ڪنري: ايمبولينس ڊرائيورن جي عدم دستيابي مالي ۽ سينيٽري ورڪر ايمبولينسن جي ڊرائيورنگ ڪرڻ ۾ مصروف آھن، اسپتال ۾ 6 سينيٽري ورڪر مقرر هجڻ باوجود 3 موجود ۽ 3 گم رھن ٿا، اسپتال کي ڏنل 5 ايمبولينسن مان 3 ايمبولينسون ناڪاره بڻيل آھن، جڏھن ته هن وقت صرف 2 ايمبولينسون هلي رهيون آھن جنھن سبب ايمرجنسي جي صورت ۾ ماڻھو ذاتي خرچن تي ڪراين جون گاڏيون ڪرائڻ لڳا.