ڪنب (ن پ ا) عيد ويجھو ايندي ئي  ڏينھن ڏٺي ڦر وارداتون وڌي ويون. استاد عبدالعزيز پلھه ۽ مسعود احمد اعواڻ ڪوٽڏيجي بئنڪ مان پگھار ڪڍرائي واپس اچي رهيا هئا ته نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ڦورو ھٿيارن جي زور تي کانئن ھڪ لک 10 هزار رپيا روڪ ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾متاثر استادن ايس ايس پي خيرپور کان  مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڦر ٿيل رقم واپس ڏياري وڃي.