ڪنب (ن پ ا)ڪنب ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي ۽ افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جيئي سنڌ محاذ خيرپور جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ حيدر خان چانڊيو، مير حسن بوزدار، ظفر خاصخيلي، وحيد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي ڪامريڊ حيدر چانڊيو چيو ته سنڌ پوليس معصوم پريا ڪماري کي اڃا تائين بازياب ناهي ڪرائي سگهي معصوم پريا ڪماري کي اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ معصوم نينگري کي بازياب ڪرايو وڃي ھنن چيو ته سنڌ پوليس شهيد افضل لنڊ جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي شهيد افضل لنڊ سنڌ جو حلالي پٽ هو، جنھن ڪڏهن به ڪنهن ظالم آڏو جهڪڻ پسند نه ڪيو، احتجاج ڪندي ھنن وڌيڪ چيو تہ سنڌ ۾ هٿرادو مھانگائي ڪئي وئي آهي سنڌ ۾ افغانين کي آباد ڪيو ويو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪيون گهٽ آهي ھنن مطالبو ڪيو تہ معصوم نياڻي پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي شھيد افضل لنڊ جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ سنڌ مان افغاني پٺاڻ ۽ ڌاريا ڪڍيا وڃن ٻي صورت ۾ سموري سنڌ جا روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويندو.