ڪنب (ن پ ا) ڪنب ڀرسان ڳوٺ غلام رضا گوپانگ واسي ڳوٺاڻي عبدالرشيد گوپانگ کي ھڪ ھفتو اڳ مبينا پوليس وردي پھريل اڻڄاتل ماڻهن پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن محمد حنيف گوپانگ، عاشق، محڪم دين، نياز گوپانگ،  مسمات صاحبزادي، مسمات ليلان ۽ ٻين مھراڻ ھاءِ وي تي حسيني شاخ وٽ ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته هڪ ھفتو اڳ اڻڄاتل ماڻھن فون ڪال ڪري عبدالرشيد کي گهران ٻاھر اچڻ لاءِ چيو، هو ٻاھر نڪتو ته کيس کنڀي وين ۾ ويھاري کڻي ويا، ھنن چيو ته وين سوار 2 پوليس وردي ۾ ۽ 4 ڄڻا سول ڪپڙن ۾ ھئا، ڪنب  پوليس گرفتاري کان لاعلمي ظاھر ڪري رھي آھي، ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ  جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بيگناهه گرفتار ڪيل عبدالرشيد گوپانگ کي آزاد ڪرائي پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي .