خيرپور/ڪنب (نمائندن وٽان) ڪنب ۽ ڀرپاسي رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو، ڪتن 5 ٻارڙن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، خبر موجب رولو ڪتن گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي گلاب وساڻ جي عليشا ۽ سميع الله سميت چئن شاگردن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، شاگردن کي ڪتن جي ڏاڙھي زخمي ڪرڻ جو اطلاع ملڻ تي پ ٽ الف اڳواڻ عبدالجبار وساڻ پھچي فوري طور ٻارڙن کي ڪوٽڏيجي اسپتال پھچايو، جتي کين ويڪسين ڪئي وئي. هوڏانهن ڳوٺ مصري شاهه واسي 4 سالا ٻارڙي دعا بتول ڌيءَ غلام مرتضيٰ گوپانگ کي رولو ڪتن ڏاڙهي سخت خمي ڪري وڌو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور کانپوءِ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي ٻارڙي جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته دعا بتول جي اک ۽ نرڙ جو ڪجهه حصو رولو ڪتن چڪ هڻي پٽي ڇڏيو آهي، سول اسپتال ۾ علاج ۽ نشي واري ڊاڪٽر جي کوٽ جو جواز ڄاڻائي لاڙڪاڻي منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو، هنن چيو ته سول اسپتال خيرپور ريفر گهر بڻيل آهي، الله ڪري ته لاڙڪاڻي اسپتال تائين اسان جي نينگريءَ جي حياتي بچيل هجي.