ڪنب (ن پ ا) ڪنب لڳ پراسرار طور فوت ٿيل اھلڪار جي قتل جو انڪشاف، ان ڏس ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ پراسرار طور فوت ٿي ويل ريٽائرڊ اھلڪار نائب علي ڀنڀرو جي وارثن ڳوٺ ڪريم بخش ڀنڀرو واسي پيرسن حسن بخش، وقار علي، اياز حسين علي ڏنو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته نائب علي ڀنڀرو کي بااثر پوليس اهلڪارن ۽ ٻين بيدردي سان تشدد ڪري قتل ڪيو آھي، جوابدارن ماکي لاھڻ جي مامري تان حملو ڪيو، اسان کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، انصاف ڪيو وڃي.