ڪنب(رپورٽ: ذاڪر تمراڻي) ڪنب ٿاڻي جي حد ۾ مبينا سڱاوتي مامري تان چانڊيو برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو فائرنگ گوليون لڳڻ ڪري ھڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ھڪ عورت زخمي ٿي پئي. ان ڏس ۾ ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ بھار چانڊيو ۾ مبينا سڱاوتي مامري تان چانڊيو برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي ۾ھڪٻئي مٿام فائرنگ ڪئي وئي، جھيڙي ۾ گوليون لڳڻ ڪري ھڪـ ڄڻو ڪنگري واسي مورچانڊيو مارجي ويو جڏھن ته ھڪ عورت مسمات اربيلان زخمي ٿي پئي جھيڙي جي اطلاع تي ڪنب پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي لاش ۽ زخمي عورت کي تعلقا اسپتال ڪوٽڏيجي منتقل ڪيو. ڪنب پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته چانڊيو برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي معاملي تان جھيڙو ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون مقتول مورچانڊيو جو لاش پوسٽمارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته ڪنب ٿاڻي تي مقتول جي ڀائٽيو جي فرياد تي چئن سڃاتل جوابدارن سميت ڇھن ڄڻن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. جوابدارن ۾ علي حسن چانڊيو ۽ ٻيا شامل آھن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪنب پوليس مختلف ھنڌن تي چڙھائي ڪئي جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا ھئا.