ڪنب (ن پ ا) 4 مھينا اڳ ننگريجه ويجھو ڳوٺ جتوئي بروھي ۾ پيءُ پاران مبينه طور ڪارنھن جو الزام ڏئي قتل ڪيل نوجوان ناري نعيما پروين بروھي جي عدالت جي حڪم تي سول جج ڪنب، پوليس ۽ ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ قبرڪشائي ڪري لاش جو ڪوٽڏيجي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪري جزا ڪڍي لاش ٻيھر دفنايو ويو ياد رھي ته نوجوان ناري نعيما پروين بروھي کي سندس ئي پيءُ مبينه ڪارنھن الزام مڙھي قتل ڪري لاش کي ڳجھ ڳوھ ۾ دفنائي ڇڏيو ھو جنھن جي قتل جو ڪيس سرڪار جي مدعيت ۾ ناري جي پيء مختيار بروھي ڀائرن واجد علي سراج احمد بروھي مٿان دخل ٿيل آھي جڏھن ته قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار ناري جو پيء اڳواٽ گرفتار ٿيل آھي.