ڪنب (ن پ ا) ڪنب لڳ ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، ھڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي، رپورٽ موجب ننگريجا اسٽاپ وٽ مھراڻ ھاءِ وي  تي تيز رفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار شاھزيب اڄڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا ظھوراحمد اڄڻ ۽ غلام مصطفيٰ اڄڻ زخمي ٿي پيا، اطلاع تي ڪنب پوليس پھچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو، جتان فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.