خيرپور (رپورٽر) ڪنب لڳ هٿياربندن جو گهر تي حملو، پسند جي شادي ڪندڙ ننڊ ستل نوجوان قتل، هڪ شڪي گرفتار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ رسول بخش بروهي ۾ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري ننڊ ستل نوجوان علي دوست بروهي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي ڪنب پوليس پھچي مقتول نوجوان جو لاش تعلقا اسپتال ڪوٽڏيجي پھچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته ڪجهه وقت اڳ پسند جي شادي تان شيخ برادري سان اسان جو مسئلو هلندڙ هو، جنهن ڪري شيخ برادري جي ماڻھن اسان جي گھر تي حملو ڪري نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، هنن چيو ته اسان حملو ڪندڙن مان 4 ڄڻن کي سڃاتو آھي ۽ چار ماڻھو سامهون ڏسي سڃاڻينداسين، هوڏانهن پوليس شڪ جي بنياد تي ھڪ ڄڻي کي گرفتاري ڪري ورتو آھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.