ڪنب (ن پ ا) ڪنب لڳ شاھنواز واھه کي گھارو پئجي ويو، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، ڳوٺ  احمدآباد ڀرسان شاھنواز واهه کي 20 فوٽ گھارو پئجي ويو، گھاري سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ، ڪيلا ۽ ڪمند جو فصل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو، رھواسين پاران گھاري جي اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پھتا، جنهن ڪري ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت وڏي ڪوششن کانپوءِ گھاري کي بند ڪري ورتو.