مٽياري(رپورٽر) سروري تنظيم ڪارڪنن جا ڪم نه ٿيڻ تي پنهنجي ئي پيپلزپارٽيءَ کان مايوسي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ سروري تنظيم جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان پنهنجي هڪ بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته سروري جماعت جا ڪارڪن ۽ همدرد مڪمل طور تي مخدوم جميل الزمان جي قيادت تي اعتماد رکن ٿا ۽ سندس فيصلو جماعت لاءِ آخري ۽ حتمي حيثيت رکي ٿو، مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ سروري جماعت سان لاڳاپيل ماڻهن جا مسئلا حل نه ٿيڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان سروري جماعت سان لاڳاپيل ماڻهن جا جائز ڪم نٿا ڪيا وڃن، جنهن سبب جماعت سان لاڳاپيل ماڻهو پاڻ کي نظرانداز ٿيل محسوس ڪري رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته سروري جماعت ضلعي، تعلقي ۽ يوسي سطح تي هر چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي ڀرپور حمايت ڪندي آئي آهي، اميدوارن جي ڪاميابيءَ لاءِ محنت ڪري ٿي، جنهن ۾ سروري جماعت جي هزارين، لکين ڪارڪنن ۽ همدردن جو به اهم ڪردار هوندو آهي، ان باوجود سندن جائز مسئلا نظرانداز ٿيڻ افسوسناڪ آهي. چونڊيل نمائندن ۽ حڪومتي اعليٰ عملدارن کان مطالبو آهي ته هو فوري نوٽيس وٺن ۽ جماعت سان واڳيل ماڻهن جا ڪم ترجيحي بنياد تي ڪرايا وڃن، سروري جماعت جا ماڻهو تعليم، صحت، روزگار، ترقياتي ڪمن سميت ٻين اهم معاملن ۾ مسلسل نظرانداز ٿي رهيا آهن، جيڪو نه صرف ناانصافي آهي پر سياسي ڀلائيءَ جي به ابتڙ آهي، مخدوم سعيد الزمان زور ڀريندي چيو ته حڪومت ۾ ويٺل اعليٰ عملدارن کي گهرجي ته اهي تڪڙا ۽ اثرائتا قدم کڻي سروري جماعت سان لاڳاپيل ماڻهن جو اعتماد بحال ڪن، ٻي صورت ۾ عوام ۾ وڌندڙ مايوسي سياسي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي.