سچ پُڄاڻان اها ڳالهه عام ٿي چُڪي هئي ته عام ماڻهو کي سندس عمر، اهليت ۽ قابليت مطابق ڪا خاص ۽ پڪي سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻي آهي ته ان لاءِ کيس عوامي خدمت (پبلڪ سروس) ڪميشن جو عالمي، قومي ۽ علائقائي معيار پٽاندڙ چٽاڀيٽي وارو امتحان پاس ڪرڻو پوندو آهي. اھا اسان سڀني کي خبر آھي تہ ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ اميدوار نوڪر گهٽ آفيسر وڌيڪ بڻجي قوم ۽ ملڪ جي اهڙي ته خدمت ڪندا آهن، جو اک نه ڏسي گوڏو، باقي “جهان کي ڏيو مبارڪون اسان ڪاهيندا پيا اچون” واري ڪهاڻي بہ ڪافي پُراڻي آھي. ڪجھ وقت اڳ منھنجي ھڪ ھم ڪلاسي دوست واٽس اپ تي ڪميشن پاران اعلانيل مختلف نوڪرين جو اشتھار ونڊيو، جنھن ۾ حڪومت جي اندر حڪومتي کاتي لوڪل گورنمينٽ (مقامي حڪومت) ۾ ميونسپل، ٽائون ۽ اڪائونٽس آفيسرن جون لڳ ڀڳ 13 سئو کان وڌيڪ خالي جاين لاءِ “اھل اميدوارن” کان درخواستون گھربل ھيون. ھڪ ھفتي گذرڻ تائين اسان صرف اھو سوچيندا رھياسين تہ اسان ڄاڻايل پوسٽن لاءِ اھل آھيون يا نہ! پوءِ آخرڪار اسان بہ سنگت کان پٽ سٽ ڪري ٻہ ٽن ھزارن جا لاڳيتو چالان ڀري ڪميشن جي آن لائين “سسٽم” تحت مختلف پوسٽن لاءِ درخواستون جمع ڪرايون. مذڪوره نوڪرين جي آن لائين فارم ڀرائڻ بعد اسان ٻئي دوست گڏجي روزانو ٻہ ٽي ميل پنڌ ڪري وڃي ھڪ سرڪاري پبلڪ لائبريري ۾ رکيل ڪميشن جي مختلف امتحانن لاءِ سفارش ڪيل “ڪيئي ڪتاب” پڙھي ڪري ڪميشن جي امتحان جي تياري ڪرڻ لڳاسين.
ڪجھ ئي ڏينھن ۾ انتظار جون گھڙين ختم ٿيون ۽ امتحان شروع ٿي ويو ۽ پيپرن جي برسات، ڪنن مان دونھان ۽ اکين مان ڳوڙھا ڪڍي ڇڏيا. ٿوري عرصي بعد خبر تڏھن پئي جو اسان ٻنهي دوستن لکت وارو امتحان پاس ڪيو. اھڙي خوشي واري خبر اسان جي زندگي ۾ ٿوري عرصي لاءِ ئي سهي، پر ڄڻ روح لاءِ راحت بڻي. ھفتي ٻن ۾ انٽرويو ڪال بہ اچي وئي. مون کان اڳ منھنجي دوست جو انٽرويو هو. سو ھي انٽرويو واري ڏينهن تي ڪنهن فلمي هيرو وانگر تيار ٿي اچي صبح جو نائين وڳي ڪميشن آفيس پهچي پنهنجي انٽرويو جي واري جو انتظار ڪرڻ لڳو. نيٺ انٽرويو پينل وارن منجهند جي ماني کائڻ کانپوءِ ان جي تڪڙي هاضمي لاءِ انٽرويو اميدوارن کي جلدي گهرائيندا ۽ فارغ ڪندا ويا. ايتري ۾ ھن جو وارو به اچي ويو. مون انٽرويو واري ڪمري ۾ گهڙندي ئي سامهون ويٺل ٽنهي پوڙهن ۽ گنجن تي نظر ڦيرائيندي ۽ مُسڪرائيندي سلام (ذري گهٽ سليوٽ) ڪيو تہ ٽنهي ميمبرن پنهنجن اڇن چشمن کي هٿ سان هيٺ ڪري اکين جي ڀرون ۽ چشمي جي وچ واري اسپيس کان ھن ڏانهن نهاريندي دل ئي دل ۾ وعليڪم سلام چيو. انٽرويو ڪاميٽي جي ٽنهي ميمبرن مان وچ وارو سوٽيڊ بوٽيڊ همراهه جيڪو بظاهر ڪاميٽي ۽ ڪميشن جو چيئرمين هو، تنهن ھن کان سامهون پيل هڪ چنگهه کان معذور اسپيشل ڪرسي تي ويهڻ جو اشارو ڪيو. جيئن ئي ڪرسي تي ويهي ھي پاڻ کي ايڊجسٽ ڪرڻ لڳو ته ھن کي تعارف ڪرائڻ جو اهڙو ته حڪم ٿيو جو جيئن هوٽل تي ڪنهن کيرپتي چانهه جو آرڊر ڏبو آهي. ھن پنھنجو مختصر تعارف ڪرائيندي چيو تہ: “سائين منھنجو نالو مٽر آھي، آئون هڪ غريب هاري جو پٽ آهيان، ان ڪري اڪثر ماڻھو مونکي موڳو مٽر سڏيندا آھن. ٻي اھم ڳالھ تہ آئون پنھنجي ڳوٺ ۽ ان جي پسگردائي مان يونيورسٽي تائين ريگيولر تعليم حاصل ڪندڙ پھريون نوجوان آھيان، ڊگري وٺڻ بعد آئون ڪجھ عرصو پرائيويٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙھائڻ بعد اڄ ڪلھ آئون عالمي امداد تي ھلندڙ ھڪ قومي اداري جي ترجماني ڪرڻ واري ذميواريون سنڀالي رھيو آھيان.” اهو ٻڌندي ئي ڪاميٽي جي پهرين ميمبر صوبيدار واري لهجي ۾ ڇنڊ پٽيندي ھن کي چيو ته تون هتي نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيڻ آيو آهين يا زڪوات وٺڻ لاءِ آيو آھين. جنھن تي ھن جو شرم کان ڪنڌ جُھڪي ويو. ايتري ۾ انٽرويو ڪاميٽي جي ٽئين ميمبر کيس مونجھائڻ لاءِ پنھنجي پر ۾ ڏکيو سوال ڪيو تہ: “ڀلا سج ھميشہ اوڀر کان اُڀري ۽ اولھ ۾ ڇو لھي ويندو آھي …؟”
تنھن تي ھن جواب ڏنو تہ: “اسانجي پرڪارن جي ڪري..”
ھن وري ٿوري ساھي پٽڻ بعد سائنسي ۽ غير سائنسي گاڏڙ ساڏڙ سمجھاڻي ڏئي جواب کي کولي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن جي حاضر دماغي جاچڻ لاءِ انٽرويو ڪاميٽي يڪدم ھيٺ ڏنل تڪڙا سوال ڪيا، جنھن جا ھن بہ اوتري ئي حاضري دماغي سان جواب ڏنا.
سوال: پاڻي جو سائنسي فارمولا ڇا آهي؟
جواب: ھڪ، ٻہ ۽ اڍائي..!
سوال: ڪينيا جي گادي جو ھنڌ ڪھڙو آھي؟
جواب: ڪرونڊي
آخر ۾ ھن کان منجھائيندڙ سوال ڪندي چيئرمين سوال ڪيو تہ: ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ جي ڪميشن ڪيتري هوندي آهي؟
تنهن تي ٻنهي ميمبرن پنهنجي وچ ۾ ويٺل چيئرمين صاحب ڏانهن ڏسڻ لڳا ته موٽ ۾ وري چيئرمين صاحب ڪنڌ ورائي واري واري سان ٻنهي کي ٿوري ٽائيم لاءِ تڪيندو رهيو. ڄڻ ته هُو پاڻ ۾ ڪنهن افيڪٽوِ ڪارپوريٽ ڪميونيڪيشن جو مظاهرو ڪندا هجن. ان وچ ۾ ھن کي اچي پريشاني ورتو ۽ پُڇيل سوال متعلق سوچي ئي رھيو ھو تہ چيئرمين صاحب ھن کي سامهون ٽيبل تي پيل پاڻي جي اڌ ڀريل ۽ اڌ خالي گلاس ڏانھن اِشارو ڪيو تہ ھن بہ يڪدم کڻي اڍائي ڍُڪ ڀري پاڻي گلاس خالي ڪري آھستي آھستي ٽيبل تي رکي ٿڌا ساھ کڻڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ھن کي چيو ويو تہ ھاڻي اوھان جو انٽرويو پورو ٿيو، ھاڻي ڪميشن جي امتحان جي سُڌاري جي لاءِ ڪجھ تجويزون ھجن تہ بيان ڪريو. ڀڳل ڪُرسي تي ويٺل انٽرويو اميدوار موڳي مٽر کين چيو تہ پھرين تہ جلدي ڪو فرنيچر جو ٽينڊر ڏيو، جنھن ۾ ڪُرسي جي قيمت تعليم کاتي پاران ورتل شاگردن جي بينچ يا ڊيسڪ جيتري رکو. ٻيو تہ انٽرويو اميدوار کي پاڻي جو ڀريل گلاس آفر ڪندا ڪريو. باقي رھيو سوال ڪميشن ۾ ميرٽ جو تہ ان کي برقرار رکڻ لاءِ اوھان ڀرپور قومي جذبي سان فرض ادا ڪندا پيا اچو، تنهن جو ثبوت وقت بوقت ڪميشن جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيل نتيجن مان اسان بخوبي اندازو ھڻي سگھون ٿا. ايتري ۾ منهن تي تعريف ٻڌڻ جي شرم کان سڀني جلدي ۾ ھن کي گڏجي چيو ته توھان ھاڻي وڃي سگھو ٿا..! انٽرويو ڏيڻ بعد ڪميشن جي آفيس مان نڪرڻ شرط ئي موڳي مٽر مونکي فون ڪري ساڻس ٿيل پوري واردات جو سربستو احوال ڏنو. جئين مان ھن کان پُڇيل سوالن مطابق انٽرويو جي تياري ڪري سگھان. ڪجھ ڏينھن اندر منھنجو انٽرويو بہ لڳ ڀڳ ھن کان ورتل انٽرويو ڏي سوال وٺ جواب جھڙن تکن مٺن سوالن ۽ جوابن تي مشتمل ٿي گذريو. انھي ساڳي ھفتي ۾ “امتحاني ٿڪ” ڀڄڻ خاطر اسان ٻئي ھم ڪلاسي ۽ روم پارٽنر دوست پنھنجي پنھنجي آبائي ڳوٺن ڏانھن روانا ٿياسين تہ جئين والدين ۽ مٽن مائٽن کان امتحان ۾ ڪاميابي لاءِ دعائون وٺون. آئون جڏهن ڳوٺ وڃڻ لاءِ صبح جو سوير ٽرين مان لهي ٽانگي اسٽاپ تي پهتس ته جيڏانهن ڪيڏانهن رڙيون ٿيون ويون: ” او صاحب! او صاحب، هيڏي صاحب! او هيڏي صاحب!” مون ٽانگي وارن کي حيرت ۽ خوشي سان ڏسندي مخاطب ٿيس ته، “مار! اهو اٿئي ڪميشن جو امتحان….! جو ٽانگي وارا به صاحب صاحب ڪري پيا سڏين…! اڃان ته انٽرويو پاس ڪرڻ ڏي، پوءِ ڏس ته ڪيئن نه دهل ۽ شرنايون ٿيون وڄن!” پوءِ مان جڏهن ٽانگي تي چڙهي ڪري اڳين سيٽ تي ويٺس ته منهنجي ڀرسان ويٺل ٻه نوجوان موبائيل فون تي فيسبوڪ تي منھنجي دوست موڳي مٽر جو پنھنجي مائٽ وڏيري سان گڏ نڪتل فوٽو تي تبصرو ڪري رھيا ھئا. مون کين چيو تہ ڇا ٿيو آھي ھن کي؟ ھي تہ منھنجو دوست آھي. جنھن تي ھنن چيو تہ اسان بہ کيس چڱي طرح سُڃاڻون ۽ ھن ميونسپل آفيسر جو امتحان پاس ڪئين ڪيو، اھا بہ اسانکي ئي خبر آھي. مون وٽ سمارٽ فون نہ ھجڻ ڪري کين عرض ڪيم تہ لسٽ ۾ منھنجو نالو بہ ڀلا چيڪ ڪريو. تنھن تي ھنن پوري لسٽ کولي پنھنجي موبائيل ئي کڻي مونکي ڏني، مون نالا چيڪ ڪرڻ بعد مايوسي ۾ سندن موبائيل فون واپس ڪئي. مون پنھنجي ڳوٺ وڃڻ واري اسٽاپ تي لھڻ وقت ٽانگي واري کان پُڇيو تہ توھان کي ڪئين خبر پئي تہ مان ٿيڻ وارو صاحب آھيان، جيڪو مان ھاڻي ڪميشن جي رزلٽ اچڻ بعد ٿي تہ ڪونہ سگھندس. تنھن تي ھن کلي وراڻيو تہ، “من..! ريل گاڏي مان لھندڙ اسان لاءِ سڀ صاحب ھوندا آھن..!”ٽانگي اسٽاپ تي لھڻ بعد مان ٻاڪڙا ھوٽل تي ڪٽ چانھن پيئڻ بعد سگريٽ جي ھڪ وڏي ڪش ھڻڻ بعد ڀڳل موبائيل تان جڏھن مايوسي ۾ موڳي مٽر ڏانھن ڪال ڪري رزلٽ بابت ٻُڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هُن مونکي منهنجي ڳالهائڻ کان اڳ چيو ته يار مونکي انٽرويو ۾ تنھنجي فيل ٿيڻ تي ڏاڍو افسوس ٿيو. باقي مونکي وڪري ڪيل زمين جي ٽڪري ۽ ڍور ڍڳن ميونسپل آفيسر بڻائي ڇڏيو. آئون کيس بنا ڪنھن جواب ڏيڻ جي فون بند ڪري اھو سوچيندو رھيس تہ جنھن معاشري ۾ ميرٽ معذور ڪوٽا بڻيل ھجي، اتي محنت ڪندڙ اھل نوجوانن کي پنھنجن خوابن جي آبياري لاءِ اُٺ ڪتاب پڙھڻ بعد نوڪري نہ ملڻ جي نتيجي ۾ ڇا ڪنھن سردار، ڀوتار، وڏيري ۽ وزير جي پويان نعرا ھڻي زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏيڻ کپي….؟