ڪمون شهيد(ن پ ا) کنڀڙا واسي ناري رخسانا کنڀڙو ٻن ڀائرن خاوند بخش ٿهيم ۽ معشوق ٿهيم تي جنسي زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، ناري جو چوڻ آهي ته ٻئي ڀائر مسلسل دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندا هئا، دوستي نه رکڻ تان مون کي اڪيلو گهر ۾ ڏسي پسٽل جي زور تي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويا، هن چيو ته بيهوشي واري حالت ۾ ڀاءُ پهچي مون کي کنڀڙا ٿاڻي تي کڻائي آيو، جتي ايس ايچ او کنڀڙا منهنجي فرياد وٺڻ بدران مون کي ڌمڪائيندو رهيو ۽ بنا ليٽر جي ٿاڻي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، هوڏانهن الزام هيٺ آيل خاوند بخش ٿهيم ۽ معشوق ٿهيم جو چوڻ آهي ته اسان مٿان ڪوڙو الزام مڙهيو ويو آهي، هنن چيو ته ستار کنڀڙو ورن کان اسان زمين مقاطعي تي ورتي هئي، پئسا به ڏنل هئا پر هاڻي لالچ ۾ اچي وڌيڪ پئسن جي گهر ڪئي پئي وڃي، اسان جڏهن زمين واپس ڪري پنهنجي پئسن جو چيو ته ستار کنڀڙو پاران ڪوڙو الزام مڙهي اسان مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هنن چيو ته ان حوالي سان ڪجهه ڏينهن اڳ کنڀڙا جي معزز فريد ڏهر وٽ پڻ فيصلو ٿيو هو پر وڏيرو به انهن جي ڀر کڻي اسان مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي گهر ڪئي.