ڪمون شهيد (ن پ ا) مريدشاخ لڳ گڊو لنڪ روڊ تي سي پيڪ وٽ نا معلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ميڊيسن ڪمپني جي گاڏي روڪي هول سيل دوائون وڪرو ڪندڙ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مزاحمت تي ڏوھارين فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ڪمپني جا 3 ملازم صادق آباد واسي افضال قريشي، شھزاد احمد بلوچ ۽ عمار علي آرائين سخت زخمي ٿي پيا، جن کان ھٿياربند ٻه لک روپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع باوجود کنڀڙا پوليس واقعي واري هنڌ دير سان پهتي ۽ زخمين کي کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پهچايو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.