ڪمون شهيد(ن پ ا) ڪمون شهيد ڀرسان زمين ۾ اڳ ۾ پاڻي ڏيڻ جي معمولي ڳالهه تان ڀائرن ۾ جهيڙو، ننڍي ڀاءُ هٿان وڏو ڀاءُ پسٽل جا فائر ڪري قتل، جوابدار فرار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ ڏونگر چاچڙ ۾ زمين ۾ پهريان پاڻي ڏيڻ جي معمولي ڳالهه تان ٻن سڳن ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ننڍي ڀاءُ پرويز چاچڙ پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي وڏي ڀاءُ محمد امين چاچڙ کي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويو، اطلاع تي ڪمون شهيد پوليس واقعي هنڌ پهچي مقتول جو لاش تعلقه اسپتال اوٻاوڙو آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن ٻڌايو ته ٻنهي ڀائرن ۾ زمين ۾ پاڻي اڳ ۾ ڏيڻ جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ننڍي ڀاءُ فائر ڪري وڏي ڀاءُ کي قتل ڪيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي هئي.