اوٻاوڙو/ ڪمون شهيد (نمائندن وٽان ) ڪمون شھيد ويجهو ڳوٺ قطال چاچڙ ۾ بجلي جي تار ٽٽڻ سبب پورهيت شھزادو چاچڙ جي گھر کي باھ لڳي وئي، پنج سال جو محمد حسن پٽ غلام مصطفيٰ چاچڙ جو باھ ۾ اڌ جسم سڙي شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث فوري طور کڻائي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ايمبولينس زريعي رحيميار خان اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پورهيت شھزادو چاچڙ جي گھر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، ڳوٺاڻن فائر برگيڊ جي عملي کي اطلاع ڪيو پر فائر برگيڊ 3 ڪلاڪن بعد پھتي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آندو ھوڏانھن باھ متاثرين کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن.