ڪمون شهيد (رپورٽ: ظهور گل) ڪمون شهيد ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ عورت سميت 8 مسافر فوت، 18 کان وڌيڪ زخمي، خبر موجب سکر ملتان موٽر وي ايم 5 تي ڀنگ انٽر چينج وٽ ڪراچي کان روالپنڊي ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر وچ  ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ مسافر ڪوچ ۾ سوار 8 مسافر ٿڏي ٿي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 18 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم حادثي واري هنڌ تي پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي رحيم يار خان جي شيخ زاهد اسپتال منتقل ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته حادثو ڪوچ ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب ٿيو، ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾اقبال، محمد شاهد، احمد طارق ۽ هڪ عورت جي سڃاڻپ ٿي سگهي، جڏهن ته 3 ڄڻن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ غلام اڪبر، شوڪت، محمد بلال، فقيران بيبي، علي عباس، امبرين، ايم ذڪريا، مهرين، فيصل، غلام مرتضيٰ، صبيحا سميت 18 ڄڻا شامل آهن، جن جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي، جڏهن ته حادثي بعد ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو.