هر سيزن جيان هن ڀيري به سنڌ سرڪار کي وقت سر ڪمند جي پيڙائي شروع ڪرائڻ ۾ ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو آهي. حڪومت جا دهمانن اعلان ۽ پيڙائي شروع نه ڪندڙ مل مالڪن خلاف قدم کڻڻ وارا بيان ٻڌي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته هن ڀيري نگران حڪومت ضرور وقت سر پيڙائي شروع ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، ڇو ته نگران حڪمرانن جا سياسي مفاد ناهن، نه ئي وري اهي پاسما جي اڳيان ايترا مجبور آهن پر هن سيزن ۾ به انهن جي اعلانن ۽ دهمانن ڪو به اثر نه ڏيکاريو آهي. سنڌ حڪومت طرفان ڪمند جي پيڙائي شروع ڪرڻ لاءِ 15 نومبر جي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي پر اها تاريخ گذري وڃڻ کانپوءِ هيستائين 38 شگر ملن مان صرف 13 شوگر ملون اهڙيون آهن، جيڪي چمنيون ٻاري سگهيون آهن، پر ٻين ملن پيڙائي شروع ڪرڻ ته پري جي ڳالهه اڃا تائين چمنيون به نه ٻاريون آهن ۽ اهڙي ريت حڪومتي اعلانن کي کل جوڳو ڪري ڇڏيو آهي. شوگر ڪين ايڪٽ جي موجودگيءَ باوجود حڪومت انهن مل مالڪن خلاف ڪو به قدم نه کڻي سگهي آهي. آبادگار سخت پريشان آهن جو انهن جو ڪمند سڪي رهيو آهي. جيڪڏهن شوگر ملون اڄ کان به چمنيون ٻارين ته به پيڙائي شروع ڪرڻ لاءِ انهن کي گھٽ ۾ گھٽ ڏهه ڏينهن درڪار هوندا. ان حساب سان نٿو لڳي ته هلندڙ مهيني ۾ سڀ شوگر ملون پيڙائي شروع ڪري سگهنديون.
سنڌ جو شوگر ڪين بيلٽ حڪومتي هيڻائي ۽ فيصلن تي عمل ڪرائي نه سگهڻ ۽ پاسما جي هوڏ اڳيان گوڏا کوڙڻ جي ڪري تباهه ٿيندو پيو وڃي. شوگر مل مالڪ حڪومتي حڪمن کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪا پيڙائي آڪٽوبر جي مهيني ۾ شروع ٿيڻي هئي، ان لاءِ ايڪٽ ۾ ترميم ڪرائي اها تاريخ نومبر تائين آندي وئي پر هن وقت جيڪا صورتحال آهي، ان حساب سان ڪنهن به ريت اهو نٿو لڳي ته سموريون شوگر ملون هن مهيني ۾ پيڙائي شروع ڪري سگهنديون. پيڙائي ۾ دير ٿيڻ جي ڪري هڪ ته ڪمند سوڪ کائي ٿو، جنهن جي ڪري آبادگارن کي نقصان پوي ٿو، باقي مٺاڻ تي ڪو به اثر ناهي پوندو، جنهن جي ڪري شوگر مل وارن کي نقصان نٿو پوي. ڪمند واري زمين تي ڪڻڪ جي پوکائي ٿيڻي هوندي آهي ۽ آبادگارن کي ٻيو به نقصان اهو ٿو ٿئي ته اها زمين، جنهن تي ڪمند بيٺل هجڻ جي ڪري ڪڻڪ جي پوک نٿي ٿي سگهي. مطلب ته آبادگارن کي هڪ ته ڪمند جي سوڪ جي ڪري ۽ ٻيو ڪڻڪ جي فصل تان هٿ کڻڻ سبب نقصان پوي ٿو. آبادگار ڪڻڪ جي فصل واري نقصان کان بچڻ لاءِ ڪمند سستي اگهه تي ڏيڻ لاءِ مجبور هوندا آهن ۽ ڪيترائي آبادگار ته ڪمند جي تيار فصل کي رڳو دير سان پيڙائي جي ڪري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندا آهن.
سنڌ جي زرعي شعبي جا تمام گهڻا بحران آهن، جن مان گهڻائي اهڙن بحرانن جي آهي، جيڪي غلط انتظامي فيصلن سبب جنم وٺي رهيا آهن. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته، حڪومت بحران ختم ڪرڻ بدران بحران پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري آبادگارن کي ٽيوب ويلن تي ڀاڙڻو پوي ٿو. ڊيزل ۽ بجلي مهانگي هجڻ جي ڪري فصل جي پيداواري لاڳت وڌيڪ اچي ٿي، ان جي باوجود به جڏهن آبادگار ڪمند پوکين ٿا ۽ پوءِ به انهن کي هڪ ته مناسب اگهه نه ملي ۽ ٻيو ته پيڙائي به وقت سر شروع نه ٿئي ته اها سنڌ جي آبادگارن خلاف معاشي دهشتگردي ناهي ته ڀلا ٻيو ڇا آهي؟ سنڌ حڪومت اعلان ته ڪندي آهي پر ان تي عمل ڪرائڻ کان عاجز نظر ايندي آهي. اهڙو ئي اعلان ڪمند جي پيڙائي وارو پڻ آهي. اسان سنڌ جي نگران منتظمين کي اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته جن شوگر ملن هيستائين پيڙائي شروع نه ڪئي آهي، انهن جي مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪري کين قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.