ڪمند جي پيڙائيءَ کان اڳ آبادگارن جي پيڙائي شروع!

0
18
سائبر ڪرائيم ترميمي بل ۽ ڊجيٽل حقن جي تحفظ وارو سوال

هِيءَ سيزن ڪمند جي پيڙائيءَ جي سيزن آهي پر اها ساڳئي وقت پاسما جي بليڪ ميلنگ جي سيزن پڻ آهي. هر سال جيان هن ڀيري به سنڌ ۾ نه ڪمند جو مناسب اگهه مقرر ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري ڪمند جي پيڙائي شروع ٿي سگهي آهي. حڪومت جي “پاڻ ۾ ڄاڻو” پاليسي ۽ ٻئي پاسي جي بليڪ ميلنگ جي اڳيان گوڏا کوڙڻ سبب ڪمند جي پيڙائيءَ کان اڳ ئي آبادگارن جي پيڙائي شروع ٿي ويندي آهي. هيستائين صرف هڪ ٻن شگر ملن چمنيون ٻاريون آهن ۽ چمنيون ٻارڻ کان پوءِ به پيڙائي شروع ڪرڻ تائين ڏهاڪو کن ڏينهن لڳندا آهن. جيڪڏهن چمنيون اڄ کان به ٻاريون وڃن ته، هن مهيني جي آخري هفتي ۾ پيڙائي مس شروع ٿي سگهندي ۽ جيئن ته چمنيون ئي نه ٻريون آهن، ان ڪري پيڙائي مس وڃي ڊسمبر ۾ شروع ٿي سگهندي ۽ شگر ڪين ايڪٽ جي موجودگيءَ باوجود حڪومت پيڙائي وقت سر شروع ڪرائڻ ۽ ڪمند جو مناسب اگهه مقرر ڪرڻ ۾ بيوس نظر اچي رهي آهي. آبادگارن کي نقصان ڏئي پاسما جو پاسو ورتو پيو وڃي.

سنڌ ۾ ڪمند جي ڪرشنگ سيزن ۾ دير ۽ ڪمند ايڪٽ جي ڀڃڪڙي، خاص طور تي پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن (PASMA) طرفان بليڪ ميلنگ، سنڌ جي زراعت ۽ ڪمند پوکيندڙ آبادگارن لاءِ وڏي پريشاني بڻجي چڪي آهي. ڪمند جي فصل جي وقت سر ڪرشنگ نه ٿيڻ جي ڪري آبادگارن کي مالي نقصان ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هي صورتحال نه رڳو آبادگارن پر سنڌ جي معيشت تي به منفي اثر وجهي رهي آهي. ڪمند جي ڪرشنگ سيزن عام طور تي آڪٽوبر کان شروع ٿئي ٿي پر سنڌ ۾ ڪيترن ئي سالن کان شگر ملز وقت سر ڪرشنگ شروع ناهن ڪنديون. ان جي نتيجي ۾ ڪمند جي پوک کي نقصان پهچي ٿو، ڇو ته ڪمند جي فصل جي وقت سر ڪٽائي نه ٿيڻ سبب اھو سوڪ کائي ٿو ۽ ان جي وزن ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي ۽ پوءِ انهن کي ڪمند گهٽ قيمت تي وڪرو ڪرڻو پوي ٿو. سنڌ حڪومت طرفان ڪمند جي قيمت ۽ ڪرشنگ سيزن جي شروعات لاءِ ڪمند ايڪٽ موجود آهي، جنهن تحت شگر ملز کي مقرر وقت تي ڪرشنگ شروع ڪرڻي آهي، پر شگر ملز مالڪ ان قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن.

 پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن  (PASMA) طرفان شگر ملز جي مالڪن جي ملي ڀڳت سان ڪرشنگ سيزن ۾ دير ڪرڻ ۽ ڪمند جي گھٽ قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ بليڪ ميلنگ جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي ٿي. شگر ملز مالڪ پنهنجي من پسند وقت تي ڪرشنگ شروع ڪن ٿا ۽ حڪومت آبادگارن کي انهن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ٿي ڏئي. ان سان گڏ، پاسما جي بليڪ ميلنگ اڳيان گوڏا کوڙيندي حڪومت به ان جي مرضي تي هلڻ تي مجبور ٿي ٿئي. سنڌ جي ڪمند واري بيلٽ، جنهن ۾ لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، مٽياري، حيدرآباد ۽ لاڙ جي ضلعن جا آبادگار شامل آهن، هن صورتحال سبب تمام گهڻو متاثر ٿي رهيا آهن. ڪمند جي ڪرشنگ ۾ دير ۽ گهٽ قيمت تي خريداري جي ڪري آبادگارن جي آمدني ۾ گهٽتائي اچي ٿي. آبادگارن کي پنهنجي فصل جي سار سنڀال لاءِ قرض وٺڻا پون ٿا ۽ پوءِ اهي قرضن جي بار هيٺ اچي وڃن ٿا. انهيءَ کان سواءِ، ڪمند جي فصل ۾ نقصان سبب زرعي معيشت کي به ڌڪ لڳي ٿو.

ڪمند جي ڪرشنگ سيزن ۾ دير، ڪمند ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ۽ پاسما جي بليڪ ميلنگ سنڌ جي آبادگارن ۽ زرعي معيشت تي انتهائي منفي اثر وجهي رهي آهي. حڪومت کي گهرجي ته ڪمند ايڪٽ تي سختيءَ سان عمل ڪرائي، آبادگارن جي حقن جو تحفظ ڪري ۽ شگر ملز جي غير قانوني عملن خلاف ڪارروائي ڪري. جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا ويا، ته اهو مسئلو نه صرف آبادگارن لاءِ پر سنڌ جي زرعي معيشت لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو. ان ڪري حڪومت کي ڪمند ايڪٽ تي سختي سان عمل ڪرائڻ گهرجي ته جيئن آبادگارن کي انهن جا جائز حق ملي سگهن.