ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ۾ انٽا.مالاجي ڊپارٽمينٽ طرفان ڪمند جي پيداوار ڪيئن وڌائجي بابت سيمينار ڪوٺايو ويو، سيمينار ۾ زرعي ماهرن، سائنسدانن سان گڏ علائقي جي آبادگارن ۽ ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي، سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر رضا محمد ميمڻ، ڊاڪٽر سلطان ميتلو، ڊاڪٽر شاھنواز کھڙو، پروفيسر عبدالحميد ميمڻ، ڊاڪٽر شبانا مزاري ۽ ٻين چيو ته دنيا ۾ ڪجھه ملڪ ئي ليکيا ويندا آهن، جن وٽ بھترين آب ھوا ۽ زرخير زمين موجود آهي، جڏهن ته پاڪستان به انهن چند ملڪن ۾ شامل آهي، هنن چيو ته ھن وقت ڪمند جي فصل پوکڻ ۾ ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، جنهن ڪري في ايڪڙ پيداوار ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، زمين جي چڪاس نه ڪرائڻ، ڪمند جي نئين جنسن جي گهٽ ڄاڻ ھجڻ، جديد طريقن جو گهٽ استعمال ڪرڻ، صحيح نموني زرعي پاڻ استعمال نه ڪرڻ، وقت سر زرعي ڀاڻ جو مارڪيٽ ۾ نه ملڻ ان جا وڏا سبب آهن.