ميرپورخاص(بيورو رپورٽ)سنڌ حڪومت پاران ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر نه ڪرڻ خلاف سنڌ آبادگار بورڊ جي عهديدارن پاران ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل خبر موجب سنڌ آبادگار بورڊ ميرپورخاص جي عهديدارن حاجي عمر ٻگھيو ۽ حاجي ملوڪ راڄڙ پاران ڪمند جو اگهه مقرر نه ٿيڻ خلاف ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي آھي، جنھن ۾ آبادگارن ڄاڻايو آھي ته شگر ڪين ايڪٽ تحت 30 نومبر تائين ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻو آھي، ان باوجود سييزن 25/2024ع جو اڃا تائين ڪمند جو اگهه مقرر نه ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري آبادگارن کي معاشي نقصان پھچي رھيو آھي ھنن وڌيڪ مطالبو ڪندي چيو ته ڪمند جي ڪٽائي ۽ ٻين خرچن کي سامھون رکندي گھٽ مان گھٽ ڪمند جو اگهه في مڻ 475 رپيا مقرر ڪيو وڃي آبادگارن پاران پٽيشن ۾ سنڌ حڪومت، سيڪريٽري زراعت، سيڪريٽري خوراڪ کاتو، شگر ڪين ڪنٽرول ۽ ڪين ڪمشنر کي ڌر بڻايو ويو آھي، پٽيشن داخل ڪرائڻ بعد آبادگار اڳواڻن حاجي عمر ٻگھيو، ملوڪ راڄڙ، ممتاز مري ۽ الھبچايو راڄڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان مجبور ٿي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آھي، اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آھي.