ڪمشنر پنڊي جو چونڊن ۾ ڌانڌلين جو اعتراف، پوليس هٿان گرفتار

0
61
ڪمشنر پنڊي جو چونڊن ۾ ڌانڌلين جو اعتراف، پوليس هٿان گرفتار
ڪمشنر پنڊي جو چونڊن ۾ ڌانڌلين جو اعتراف، پوليس هٿان گرفتار

راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت علي چٺا چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪرائڻ جو اعتراف ڪندي استعيفا ۽ گرفتاري پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته کيس گرفتار ڪيو ويو آهي

ڪرڪيٽ اسٽيڊيم راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪمشنر چيو ته اسان 50-50 هزار ووٽن تان هارائيندڙ اميدوارن کي کٽرايو، اسان 70-70 هزار جي ليڊ سان کٽندڙ آزاد اميدوارن کي هارائي ڇڏيو

هن چيو ته اسان راولپنڊي ڊويزن جي 13 قومي ۽ صوبائي سيٽن تان وڏي ليڊ سان کٽندڙ اميدوارن کي هارايو

ڪمشنر راولپنڊي چيو ته  منهنجي مٿان سوشل ميڊيا ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جو وڏو دٻاءُ هو، اڄ فجر جي نماز بعد خودڪشي ڪرڻ جو سوچيو، پوءِ خيال آيو ته حرام موت مرڻ کان ڀلو آهي ته غلط ڪمن جو اعتراف ڪجي ۽ ٻين کي به وائکو ڪجي

هن چيو ته مان قوم جو ڏوهاري آهيان مون کي سزا ملڻ گهرجي، وڏن وڏن عهدن تي ويٺل ماڻهو به ڌانڌلين ۾ ملوث آهن، انهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي

مان پنهنجي عهدي ۽ سروس تان استعيفا ڏيان ٿو، پنهنجو پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري رهيو آهيان،  بيورو ڪريسي کي اپيل ٿو ڪيان ته خدا جي واسطي ڪرپٽ سياستدانن جي چوڻ تي نه لڳو

ٻئي پاسي راولپنڊي پوليس ڪمشنر راولپنڊي کي گرفتار ڪري ورتو آهي

راولپنڊي پوليس ڪمشنر لياقت علي چٺا کي ڌانڌليون ڪرائڻ جي اعترافي بيان بعد گرفتار ڪري ورتو، سي پي او راولپنڊي خالد محمود همداني پوليس جي اٽالن سان گڏ ڪمشنر آفيس پهچي ڪمشنر کي گرفتار ڪيو

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي استعيفيٰ ڏيندڙ ڪمشنر جي لڳايل الزامن جي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، لياقت چٺا جي لڳايل الزامن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم، نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته لياقت چٺا جي الزامن جي شفاف جاچ ڪرائي حقيقتون عوام آڏو پڌريون ڪيون وينديون