حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد بدلي ٿي ويل ڪمشنر بلال احمد ميمڻ، ڊي آءِ جي پير محمد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو ۽ ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي پنهنجي عهدن جي چارج ڇڏي ڏني آهي جڏهن ته نئين ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ ڊي سي به پنهنجي عهدن تي چارج وٺي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي منظوري کانپوءِ وڏي پئماني تي ٿيل بدلين ۾ حيدرآباد جي ڪمشنر بلال احمد ميمڻ کي بدلي ڪيو ويو هو. سندس جاءِ تي خالد حيدر شاهه کي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي. نئين ڪمشنر پنهنجي عهدي جي چارج وٺي ڇڏي آهي. اهڙي ريت ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي طارق رزاق ڌاريجو کي ڊي آءِ جي مقرر ڪيو ويو هو. نئين ڊي آءِ جي پڻ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي. حيدرآباد ۾ مقرر ٿيل ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومري کي ڪراچي بدلي ڪيو ويو. هن پڻ پنهنجي عهدي جي چارج ڇڏي ڏني آهي ۽ سندس جاءِ تي نئين بدلي ٿيل آيل ڊپٽي ڪمشنر طارق قريشي چارج سنڀالي ورتي آهي. ايس ايس پي حيدرآباد ساجد امير سدوزئي به پنهنجي عهدي جي چارج ڇڏي ويو جڏهن ته سندس جاءِ تي مقرر ٿيل نئين ايس ايس پي امجد شيخ اڃا پنهنجي عهدي جي چارج نه ورتي آهي. حيدرآباد ڊويزن ۽ ضلعو عدم ترقي، بدامني ۽ منشيات جي وڪري ۽ واهپي جي لحاظ سان بدنام ڊويزن ۽ ضلعو ٿي ويا آهن. نئين ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا لاءِ اهي مسئلا حل ڪرڻ ڪنهن چئلينج کان گهٽ نه آهن.