ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ها۽ ڪورٽ جا پاور ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي اٽارني جنرل جواب جمع ڪرائڻ لا۽ مهلب طلب ڪري ورتي، عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کي 28 مئي تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي فنانس ايڪٽ هيٺ پرائيس ڪنٽرولر بڻائي ٽن سالن تائين سزا جا اختيار ڏنا ويا آهن, فنانس ايڪٽ تحت اهي اختيار ڏنا ويا آهن، وفاق بل ۾ ترميم ڪئي، جڏهن ته سنڌ حڪومت وري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، هن وقت ڪمشنرن ۽ ڊي سيز کي پرائيس ڪنٽرولنگ جا پاور آهن، جڏهن ته اهو ڪم بيورو آف سپلاءِ جو آهي.