کورواھ (ن پ ا)پ پ اڳواڻ ڪمال خان چانگ چيو آهي ته سنڌ ۾ افغانين سميت سمورن غير ملڪي پرڏيهين کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي هتي جيڪو به ڪرائم ٿئي ٿو ان ۾ پرڏيهي ملوث هوندا آهن تنهن ڪري کين ڪابه رعايت نه ڏني وڃي اهڙن خيالن جو اظهار هن کورواھ ڀرسان ڳوٺ سومار چانگ ۾ چانگ برادري پاران ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته پيپلزپارٽي ٽڪيٽ نه ڏني ته آئون آزاد حيثيت ۾ اليڪشن هر حال ۾ وڙهندس، سياست ۾ ڪنهن سان ڪا دشمني نه آهي جي ڊي اي يا ٻي ڪنهن جماعت سان اتحاد به ڪري سگهون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته مون پهنجي ضلعي ناظمي توڙي ايم اين اي هجڻ دوران بدين ضلعي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا، بدين ضلعي جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي ايها ئي اميد رکي وري به عوام جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو ان کان اڳ چانگ برادري پاران سردار ڪمال چانگ جي شاندار آجيان ڪئي وئي