اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن يادوو جي وڪيل فراهم ڪرڻ واري درخواست تي پاڪستاني حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته پرڏيهي وزارت ذريعي ڀارت جي حڪومت سان رابطو ڪيو وڃي، ڪالهه چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ لارجر بينچ ڪلڀوشن يادوو سميت چئن ڀارتين جي جيل مان آزادي واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته لڳي ٿو ته ڀارتي حڪومت کي عدالت جي ڪارروائي ڪا غلط فهمي آهي، پرڏيهي وزارت ڀارتي حڪومت سان رابطو ڪري انهن جي غلط فهمي ختم ڪري، ڇا پرڏيهي وزارت ڪلڀوشن واري ڪيس ۾ ڀارت کي آگاهه ناهي ڪيو، ڀارتي هاءِ ڪميشن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڀارتي هاءِ ڪميشن جو موقف آهي ته هن ڪيس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻڌڻ جو اختيار نه ٿي رکي، چيف جسٽس چيو ته هي هڪ ڀارتي شهري جي زندگي جو سوال آهي، هي مامرو عدالت جي اختيار جو نه پر عالمي انصاف واري عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد جو آهي، هي عدالت ان جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ چاهي ٿي، ڀارتي حڪومت 8 ڀارتي شهرين لاءِ وڪيل مقرر ڪيو پر ڪلڀوشن واري مامري تي هنن ائين ناهي ڪيو، ڀارت جيڪڏهن عالمي انصاف واري عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد نه ٿو ڪرڻ چاهي ته ان بابت به آگاهه ڪري، جيڪا متفرق درخواست داخل ڪئي وئي آهي ان مان لڳي ٿو ته ڀارت کي عدالت جي ڪارروائي سمجهه ۾ نه آئي آهي، ڀارت کي بغير ڪنهن شق جي هڪ خودمختيار رياست جي خودمختياري جو احترام ڪرڻ گهرجي بعد ۾ عدالت ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.