ڪلوئي (ن  پ ا )ڪلوئي، ونگو پتڻ، ستون ميل، بلوچ آباد سميت ڪافي جڳهن تي دڪانن تي ريٽ لِسٽون نه هجڻ ڪري دڪاندارن کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ٻيڻ تي وڌائي ڇڏيا آهن، اي سي ڪلوئي ۽ مختيار ڪار ڪلوئي آفيسن تائين محدود آهن ان حوالي سان پورھيتن سخت احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪلوئي تعلقي جا دڪاندار من ماني ڪري اٽو کنڊ چانور داليون ۽ ٻيون کاڌي پيتي جي روز مره جي استعمال ٿيندڙ شين جا هٿرادو ٻيڻ تي اگهه وڌائي ڇڏيا آهن جنهن سبب ڏهاڙي ڪمائڻ واري مزدور طبقي جي گهرن ۾ فاقا ڪشي واري صورتحال لڳل آهي، پورهيتن ڊي سي ٿرپارڪر سميت اختيار ڌڻين کان گهر ڪئي آھي ته ناجائز منعافو وٺندڙ دڪاندارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري هٿرادو مهانگائي کي ڪنٽرول ڪري دڪانن تي ريٽ لِسٽون لڳائي دڪاندارن کي ريٽ لسٽ جو پابند بڻايو وڃي،ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائي ٿرڪول مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.