ڪلوئي (ن پ ا) ڪلوئي تعلقي جي يونين ڪائونسل گرڙا ٻه سميت ٻين علائقن ۾ مال کي بيماري کان بچاء جي لاءِ پي پي آر جا ٽڪا لڳايا ويا جڏهن ته وٽنري تعلقي ڪلوئي جي يونٽ انچارج ڊاڪٽر آصف رضا قائم خاني جي سربراهي ۾ 26 سئو کان وڌيڪ مال ۾ وچڙندڙ بيمارين کان بچاءَ جا ٽڪا لڳايا ويا ان موقعي تي ڊاڪٽر آصف رضا قائم خاني چيو ته اسان ڪلوئي تعلقي ۾ هن وقت روزاني جي بنياد تي اسان ننڍي وڏي مال کي بيماري کان بچاء جي لاءِ ٽڪا هڻي رهيا آهيون هن چيو ته اسان سان ڀاڳيا رابطو ڪن ته جيئن اسان ڪلوئي تعلقي سموري ۾ مال جي ويڪسين ڪري سگهون ۽ اسان ڳوٺن وائيز وڃي پنهنجي ٽيم سميت ويڪسين ڪريون پيا ۽ رهيل مال جي به ويڪسين ڪنداسين ڀاڳيا اسان سان تعاون ڪن.