شادي لارج (ن پ ا) ڪلوئي پوليس پاران 4 ڏينھن اڳ ڳوٺ ڄار پتڻ ۾ مبينا پرائيويٽ ماڻھن سان گڏجي رسول بخش لنڊ جي گھر تي ڪاهه ڪري رسول بخش لنڊ، سندس گھر واري حسينا لنڊ، ممتاز علي لنڊ ۽ معشوق علي لنڊ کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو،گذريل ڏينھن خالق ڏنو لنڊ جي فرياد تي ٽن ڄڻن رسول بخش لنڊ، ممتاز علي لنڊ ۽ معشوق علي لنڊ تي موٽر سائيڪل چوري ڪيس داخل ڪري 3 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان رسول بخش لنڊ جي بيواهه امڙ رحيمان لنڊ، غلام محمد لنڊ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڪلوئي پوليس پرائيويٽ ماڻھن سان گھر اندر داخل ٿي اسان جي عورت سميت 4 ڄڻن کي کنڀي گم ڪيو ھو، جن مان 3 نوجوان ظاھر ڪري مٿن چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏھن ته عورت حسينه کي اڃان به ظاھر ناھي ڪيو ويو، ھنن جو چوڻ ھو ته اسان جي نوجوانن کي کنڀڻ بعد ڪلوئي پوليس بااثرن کان ڳري رشوت وٺي پرائيويٽ جڳھين تي رکي مسلسل تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ميڊيا ۾ مسلسل دانھون ڪرڻ بعد ڪلوئي پوليس مجبور ٿي ڪوڙو فريادي بيھاري چوري جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو آھي، متاثرن آءِ جي سنڌ سميت اختياريون فوري طور نوٽيس وٺي اڻڌري جاچ ڪرائي ڪلوئي پوليس سميت ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪن. هوڏانهن پوليس کان موقف وٺڻ لاءِ فون ڪيو ويو پر نمبر بند مليا، جنهن سبب رابطو ٿي نه سگهيو.