ڪلوئي/نئون ڪوٽ (نمائندن وٽان) ڪلوئي ڀرسان ڳوٺ ڪمهالو هالو واسڻ ناري ساجده هالو کي مائٽن پاران مبينا طور زهر ڏيڻ واري مامري جي خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد ڊي آءِ جي ميرپورخاص معاملي جو نوٽيس وٺي ٿرپارڪر پوليس کي ناري بازياب ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد ٿرپارڪر جي ڪلوئي پوليس حرڪت ۾ اچي ناري ساجده ڌي غلام مصطفي هالو کي ڪلوئي جي ڳوٺ ڪمهالو هالو مان هٿ ڪري گذريل ڏينهن ڏيپلو جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ۾ ناري ساجدہ هالو بيان ڏنو تہ اٽڪل پنج مهينا اڳ منهنجي شادي عمران ولد اسماعيل هالو سان ٿي رهي هئي ته نڪاح ڪرڻ کان اڳ منهنجي مامي هاشم ولد فقيريو هالو ، منهنجي والد غلام مصطفي ۽ منهنجي ڀاءُ ممتاز جي مداخلت سبب نڪاح نه ڪرايو ويو ۽ مون تي تشدد ڪري منهنجي ماميءَ مون کي اٽڪل چار ڏينهن پنهنجي گهر ۾ قيد ڪيو، زهر ڏنو ويو، تنهن ڪري مان چار ڏينهن حيدرآباد اسپتال ۾ ۽ ٻه ڏينهن بدين جي اسپتال ۾ داخل رهيس، وري منهنجي ماميءَ مون کي گهر ۾ بند ڪيو، منهنجي ماءُ، ڀيڻ يا ڪنهن ٻئي پاڙيسري عورت سان ڳالهائڻ ۽ ملڻ جي به اجازت نه ڏني، هنن پنجن مهينن تائين مون تي دٻاءُ وڌو. مان عمران ولد اسماعيل هالو سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي، ان ڪري کين گهرايو وڃي، عمران سان منهنجي شادي جي خاطري ڪرائي وڃي، مان صرف عمران سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي ۽ پنهنجي والدين سان گڏ وڃڻ يا رهڻ نه ٿي چاهيان، جيستائين عدالت مون کي ڪنهن به محفوظ جاءِ تي رهڻ جي اجازت ڏي، جڊيشنل مئجسٽريٽ ڏيپلو جي عدالت ساجدہ هالو جي بيان جي روشنيءَ ۾ کيس مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پوليس کي دارلامان مٺي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پوليس عدالتي حڪم تي عمل ڪندي متاثر ناري کي دارالامان منتقل ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب ناري ساجدھ هالو جو رشتو عمران هالو نالي ڇوڪرو سان طعي ٿيل هو، نڪاح واري رات سندس مامي هاشم هالو مداخلت ڪري آيل ڄڃ کي واپس موٽائي ڇڏيو ۽ ناري جو سڱ ٻئي هنڌ ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو جنهن تي ڇوڪري پاران انڪار ڪرڻ تي کيس مبينا طور زهريلي دوا پياري وئي ناري بيهوش ٿي وئي، جنهن جو معاملو ميڊيا ۾ اچڻ بعد کيس بيهوشي واري حالت ۾ بدين جي اسپتال نيو ويو، جتان ناري هوش ۾ اچڻ بعد کيس ٻيهر گهر ۾ قيد رکي شادي ڪرڻ لا دٻا وڌو ويو، جنهن تي ناري مسلسل انڪار ڪندي رهي ۽ ٻہ ڏينهن اڳ ناري کي شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو ته هن انڪار ڪيو جنهن تي کيس ٻيهر مبينا طور زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ناري بيهوش ٿي وئي جنهن کي ماء پاران بدين اسپتال پهچايو جتان ناري جو ويڊيو بيان وائرل ٿيو جنهن ۾ هن مائٽن تي زهر ڏئي مارڻ جو الزام لڳايو، ذريعن موجب پنج مهينا اڳ پڻ اهڙي نوعيت جو واقعو پيش آيو جنهن جو معاملو پوليس پاران مبينا طور ڏيتي ليتي عيوض لئي مٽي ڪيو جنهن جي ڪري ٻيهر ساڳي نوعيت جو واقعو پيش آيو، ساڃاھ ونڌ ڌرين جو چوڻ آهي ته ناري کي تحفظ فراهم ڪري بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن ناري جي جان کي ٻيهر ڪير نقصان رسائي نه سگهي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪلوئي امين جوڻيجو ٻڌايو ته ناري ساجدھ هالو کي بازياب ڪرائي ڏيپلو جي عدالت م پيش ڪيو، جتي بيان بعد عدالت ناري کي دارالامان مٺي موڪلڻ جي هدايت ڪئي جنهن بعد ناري کي سيف هائوس مٺي منتقل ڪيو آهي، جڏهن ته ناري واري معاملي م ڪير فريادي ٿيڻ لاءِ تيار ناهي جنهن جي ڪري اسان ڪنهن خلاف ڪارروائي نٿا ڪري سگهون.