ڪلوئي (ن پ ا) ڪلوئي ڀرسان اغوا بعد بازياب ٿيل ناري انصاف نه ملڻ تي زهر پي آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي ته ناري جي ڪالهه مڱڻو رٿيل هو پر ان کان اڳ هن انت آڻي ڇڏيو، خبر موجب شاهه موري وٽان 4 ڏينهن اڳ مبينا طور نوجوان ناري افشانه سومرو کي 3 نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري ويا ھئا، جنهن کي ٻه ڏينهن کان پوءِ گهر ڀرسان ڇڏيو ويو هو، نوجوان ناري انصاف نه ملڻ تي دل برداشته ٿي زهريلي دوا پئي ڇڏي، جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مٺي اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئا ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي ته اغوا واقعي بابت انصاف لاءِ علائقي جي معززن کي دانهون ڏنيون هيون پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو، جنهن ڪري افشان انتهائي قدم کنيو، هوڏانهن اطلاع تي ڪلوئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقه اسپتال ڏيپلو آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جي ڀاءُ زاهد حسين سومرو جو چوڻ آهي ته ناري جي ڪالهه مائٽن ۾ مڱڻي جو پروگرام رکيل هو، هن چيو ته اغوا ۾ ملوث جوابدارن خلاف پوليس توڙي علائقي جي چڱن مڙسن وٽ دانهيو پر ڪٿان به انصاف نه مليو، جنهن ڪري ڀيڻ زهر پي خودڪشي ڪئي، هن مطالبو ڪيو ته معاملي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي،