ڪلنٽن دنيا آڏو ذليل ڪيو، ڪوڙ ڳالهايا، استعيفيٰ ڏئي ها: مونيڪا

0
16
ڪلنٽن دنيا آڏو ذليل ڪيو، ڪوڙ ڳالهايا، استعيفيٰ ڏئي ها: مونيڪا
ڪلنٽن دنيا آڏو ذليل ڪيو، ڪوڙ ڳالهايا، استعيفيٰ ڏئي ها: مونيڪا

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي سياست جي تاريخ جو انتهائي تڪراري ۽ پوري دنيا ۾ تهلڪو مچائيندڙ مشهور اسڪينڊل جي مرڪزي ڪردار مونيڪا ليونسڪي نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي، “ڪال هر ڊيڊي” پوڊ ڪاسٽ تي ڏينل انٽرويو  ۾ مونيڪا ليونسڪي چيو ته جڏهن ڪانگريس مواخذي جي ڪارروائي ڪئي هئي ته اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، هن پنهنجو عهدو برقرار رکڻ لاءِ ڪوڙ جو سهارو ورتو کيس سچ ڳالهائڻ گهرجي. اڳوڻي صدر ڪلنٽن جي ذميواري هئي ته مون کي ان پوزيشن تي نه آڻي ها، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بل ڪلنٽن استعيفيٰ ڏئي ها يا پوءِ ڪو اهڙو رستو ڪڍي ها جنهن ۾ کيس ڪوڙ نه ڳالهائي ها نه ئي هڪ 22 سالن جي نوجوان ڇوڪريءَ کي دنيا آڏو ذليل ۽ خوار  ڪري ها. هن وڌيڪ چيو ته مون کي خبر آهي ته دنيا جي سڀ کان طاقتور ڪرسي جي ڳالهه ڪري رهي آهيان. پنهنجي ڪيل غلطين جو اعتراف ڪريان ٿي پر ڪلنٽن جون غلطيون وڌيڪ سنگين  ۽ مذمت جوڳيون هيون، هن جو چوڻ هو ته ان سان لاڳاپا زوري زبردستي وارا نه هئا، ان ۾ ڪجهه حد تائين منهنجي به رضامندي شامل هئي. ڪلنٽن ملڪ جو سڀ کان طاقتور شخص هو ان کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها. بل ڪلنٽن شروع ۾ انهن لاڳاپن کان انڪار ڪيو هو پر بعد ۾ اعتراف ڪري ورتو ۽ صدارت جي عهدي تي برقرار رهيو، ليونسڪي موجب ڪلنٽن جي انڪار مون لاءِ وڏي پيماني تي نفرت برابر هو. منهنجي نسل جي ڪيترن ئي ڇوڪرين لاءِ اهو تڪليف ڏيندڙ موڙ هو ته هڪ نوجوان عورت کي عالمي سطح تي ان جي جنسي زندگي ۽ غلطين جي بنياد تي ذليل ۽ خوار ڪيو پيو وڃي. خوش قسمت هيس ته پنهنجي اصل وجود جو هڪ حصو سنڀالڻ ۾ ڪامياب رهيس، پر ان اسڪينڊل مستقبل تباهه ڪري ڇڏيو هو. مونيڪا ليونسڪي موجوده زندگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ آئون پنهنجي زندگي مان مطمئن آهيان، گذريل 10 سالن کان نمايان مثبت تبديلي آئي آهي.