ڪلري بگهاڙ واهه ۾ 9700 بدران 2000 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ، کوٽ 70 سيڪڙو رڪارڊ

0
22
ڪلري بگهاڙ واهه ۾ 9700 بدران 2000 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ، کوٽ 70 سيڪڙو رڪارڊ
ڪلري بگهاڙ واهه ۾ 9700 بدران 2000 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ، کوٽ 70 سيڪڙو رڪارڊ

ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ) سنڌوءَ جي آخري ضلعي ٺٽي ۾ پاڻي جي پيدا ٿيل شديد بحران سبب ضلعي جي چئن ئي تعلقن ۾ پيئڻ جي پاڻي سنگين صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته 9700 ڪيوسڪ پاڻي جي گنجائش رکندڙ ٺٽي ضلعي جي مک واھه ڪلري بگھاڙ واھه ڪي بي فيڊر اپر  ۾ ڪوٽڙي بئراج کان 2000 ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي ٿيڻ ڪري ضلعي اندر پاڻي جي 70 سيڪڙو کان مٿي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ پاڻي جي انتها واري کوٽ سبب ڪراچي، ڄامشورو ۽ ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ جو پاڻي به کٽي ويو آهي، جڏهن ته ٺٽي ضلعي جي چئن ئي تعلقن ٺٽو، ميرپورساڪرو، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي برانچن ڄام واھه، ساڪرو برانچ ۽ اڏيرو لال برانچ ۾ پاڻي جي سپلاءِ گھٽ هجڻ ڪري انهن مان نڪرندڙ 60 کان مٿي واهن، شاخن ۽ نالين ۾ پاڻي جي نه هجڻ ڪري سموريون شاخون، ناليون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن، جڏهن ته پاڻي جي عدم دستيابي ڪري مندائتن فصلن ۽ سبزين جي پوکي جي متاثر ٿيڻ سان گڏ پوکيل فصل پڻ سخت متاثر ٿي ويا آهن، ضلعي ٺٽي ۾ لاڳيتي پاڻي جي بحران سبب آبپاشي کاتي پاران آبادگارن ۽ هارين توڙي زميندارن کي ٻن مهينن تائين زمينن ۾ فصلن جي پوکي نه ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي، جڏهن ته پاڻي جي 70 سيڪڙو تائين کوٽ پيدا ٿيڻ ڪري ضلعي جي هڪ ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو، 5 ٽائون ڪميٽين مڪلي، گھارو، ساڪرو، ڳاڙهو ۽ گھوڙاٻاري ۽ 40 يونين ڪائونسلن جي شهري توڙي ڳوٺاڻي آبادي لاءِ پيئڻ جي پاڻي واسطي قائم ڪيل واٽر سپلاءِ اسڪيمن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري هتان جي شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادي پيئڻ جي پاڻي لاءِ واجھائي رهي آهي، جڏهن ته پاڻي جي کوٽ سبب چوپايو مال اڃ وگھي تڙپڻ لڳو آهي، هواڏنهن ٺٽي ضلعي جي سامونڊي ۽ ڪوهستاني پٽي ۾ پاڻي جي شديد قلت سبب لکين انساني آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم ٿي وئي آهي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ بعد ڪوهستاني ۽ سامونڊي پٽي واسي ڳرن اگھن تي پيئڻ جو پاڻي خريدڻ تي مجبور بڻيل آهن، ٺٽي واسين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي ٺٽي جي مک ڪلري بگھاڙ واھه اپر ۾ گھربل مقدار ۾ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي ضلعي ۾ پاڻي واري پيدا ٿيل سنگين بحران تي ضابطو آندو وڃي.