لکنئو (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽر رنڪو سنگهه کان پوءِ اسپنر ڪلديپ ياديو به لکنئو ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي دوست ونشيڪا سان منڱڻي ڪري ڇڏي.ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي ڪرڪيٽر ڪلديپ ياديو به لکنئو ۾ هڪ خانگي تقريب ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي دوست ونشيڪا سان منڱڻي جي تصوير شيئر ڪئي.ڪلديپ ياديو پنهنجي منڱيندي سان گڏ فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي پر پوءِ ان کي ڊليٽ ڪري ڇڏيو.تقريب 4 جون تي منعقد ڪئي وئي ۽ ان ۾ ڀارتي ڪرڪيٽر جي ويجهن مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي، جن ۾ رنڪو سنگهه به شامل هو.لکنئو جي ونشڪا ۽ هندستاني ڪرڪيٽر ياديو جي شادي انگلينڊ جي دوري کان پوءِ نومبر ۾ ٿيڻ واري آهي.