اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪفايت شعاري لاءِ قدم تجويز ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي هدايت تي ناڻي وزارت خصوصي ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو سربراهه ناصر کوسا کي مقرر ڪيو ويو آهي، ناڻي وزارت پاران غير ضروري سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي خصوصي ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ڪاميٽي کي ڪفايت شعاري جي حوالي سان قدم تجويز ڪرڻا آهن ته جيئن حڪومت جي مالي مشڪلاتن ۽ خساري ۾ گهٽتائي جا قدم تجويز ٿي سگهن، خرچن ۾ گهٽتائي بابت وزارتن ۽ ڊويزنن کان به تجويزون ورتيون وينديون، ڪفايت شعاري لاءِ ڪاميٽي 15 رڪني قائم ڪئي آهي جنهن جو سربراهه ناصر محمود کوسا کي مقرر ڪيو ويو آهي، ڪاميٽي ۾ ناڻي جي مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا سوڌو خصوصي معاونن، صلاحڪارن، ڪابينا، ناڻي، بجلي، هائوسنگ جا سيڪريٽري به ميمبر هوندا، سي ڊي اي چيئرمين، صوبن جا چيف سيڪريٽري، معاشي ماهر قيصر بنگالي، فرخ سليم، زبير خان، نويد افتخار به ميمبر هوندا، ڪاميٽي جي سربراهه کي سرڪاري يا نجي شعبي مان وڌيڪ ميمبر نامزد ڪرڻ جو اختيار هوندو.