ملير(رپورٽر) آزاد ڪشمير جي نيلم ماٿري ۾ هَنِي مُون مهلائڻ ويل ملير واسي جوڙو ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت، جعفر طيار واسي 24 سالن جو طٰحه ۽ سندس زال دعا زهريٰ 4 فيبروري تي شادي بعد هني مون لاءِ نيلم ماٿري ويا، اختيارين جو چوڻ آهي ته نئون پرڻيل جوڙو هڪ ريسٽ هائوس ۾ ترسيل هو، ٿڌ ُ وڌڻ سبب هنن گيس هيٽر هلائي ڪمرو بند ڪري ڇڏيو، صبح جو عملي در ٽوڙيو ته جوڙي جا لاش مليا، مظفر آباد ۾ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، فوتي زال مڙس جي جنازي نماز بعد مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي, فوتي محمد طٰحه مڪينڪل انجنيئر ۽ سندس وَني دعا زهريٰ بي بي اي جي شاگردياڻي هئي.